سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سرڪاري نوڪرين تي پابندي برقرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين تي لڳايل پابندي واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي، سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت  جي عدالت ۾ سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ گريڊ ھڪ کان 15 تائين نوڪرين تي پابندي لڳائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سيسي جو وڪيل  بئريسٽر صلاح الدين عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اھو واضح ٿيڻ گھرجي ته جاري ڪيل اشتهار جي بنياد تي ڀرتيون ٿيون يا ڪيون وينديون، جيڪڏهن ڀرتيون ڪيون ويون آھن ته اهو الڳ قانوني معاملو بڻجي ويندو، پوءِ جنهن کي نوڪري ملي ان جو به قانوني حق بڻجي ٿو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سيسي کان ڀرتين جا تفصيل طلب ڪري ورتو، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم ڀرتين خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، عدالت هڪ کان 15 گريڊ تائين سرڪاري نوڪرين تي پابندي لڳائي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.