سنڌ جو امن تباھ ڪيو ويو آهي، ڪير به محفوظ ناهي:صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو  آهي ته هڪ طرف وقت جا حڪمران سنڌ جا وسيلا  لُٽي، ڦري رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ بک، بدحالي زور وٺي رهي آهي، ٻئي طرف سنڌ جو امن تباھ ڪيو ويو آهي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾  دهشت ۽ وحشيت جو راڪاس گهمي رهيو آهي، ماڻهو اغوا پيا ٿين، قتل ڪيا پيا وڃن، ڪير به محفوظ آهي، ڪنڌ ڪوٽ جي علائقي غوثپور ۾ استاد الله رکيو نندواڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي مذمت ڪندي گُهر ٿا ڪيون ته اُستاد جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي فرض شناس ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ مان خبرون اچن پيون  ته پوليس امن امان، پيدا ڪري ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران شهرن ۽ ڳوٺن ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪري پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.