اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد جو ڀاءُ اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار

چڪوال (م ڊ) اينٽي ڪرپشن چڪوال اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل(ر) فيض حميد جي ڀاءُ اڳوڻي اسسٽنٽ مختيارڪار سردار نجف حميد  کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اسسٽنٽ مختيارڪار سردار نجف حميد ،  اڳوڻو صوبائي وزير حفظ عمار ياسر وغيره جي خلاف اينٽي ڪرپشن ٿاڻي هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ داخل ڪيس نمبر 23/16 ۾  نامزد هو ۽ هن عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي هئي. ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن راولپنڊي جي عدالت ۾ ٿي. عدالت طرفان سردار نجف حميد لطيفال جي ضمانت رد ڪئي وئي. جنهن تي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن چڪوال ناصر عزيز قيادت جي اڳواڻي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي چڪوال جي ٽيم سردار نجف حميد   کي گرفتار ڪري ورتو. ياد رهي ته 16 فيبروري 2023 تي راولپنڊي جي ڪمشنر نجف حميد کي اسسٽنٽ مختيارڪار جي عهدي تان معطل ڪري ڇڏيو هو ۽ ان جي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.