پير وسڻ ڀرسان پورهيت جو پٽ پراسرار بيماري ۾ مبتلا، سهائتا جي گهر

پير وسڻ (ويب ڊيسڪ) پير وسڻ ڀرسان اڪري چودڳي واسي 4 ورهين جي پٽ جي هڪ ڄنگهه پراسرار بيماري سبب سڪڙجڻ لڳي ۽ هو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو.
اڪري چودڳي جي ڳوٺ نالي چڱو شر ۾ 4 ورهين جي فياض پٽ عبدالعزيزشر جي هڪ ڄنگهه گوڏي کان هيٺ سڪڙجڻ ۽ چٻي ٿيڻ لڳي.
والد پوليو جو خدشو ظاهر ڪندي چيو ته جنوري ۾ پٽ کي بخار ٿيڻ بعد ڄنگهه سڪڙجڻ لڳي ته ڪافي سرڪاري توڙي خانگي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو پر تڪليف گهٽ نه ٿي سگهي.
هن چيو ته غريب مسڪين آهيان، محنت مزدوري ڪري ڏکيائين سان گهر هلائيندو آهيان، پٽ جو علاج نٿو ڪرائي سگهان، صحت کاتو نوٽيس وٺي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي ڏنو ته جيئن پٽ معذوري کان بچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.