لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه معاملو، عمران خان ٻن ڪيسن مان آجو قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي 2 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي.
اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ شائستا ڪنڊي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي ٻن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي بريت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني جا وڪيل نعيم پنجوٿا، سردار مصروف ۽ آمنه علي عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت پي ٽي آءِ جي باني کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني کي عدالت ۾ آڻڻ وقت ڪجهه ٿيو ته ذميوار ڪير هوندو؟
ان تي وڪيل نعيم پنجوٿا چيو ته پي ٽي آءِ جو باني اڳ به پاڻ عدالتن ۾ پيش ٿي چڪو آهي، سندس موجودگي ۾ دليل ڏيڻ چاهيون ٿا.
ان تي مئجسٽريٽ چيو ته ضمانت تي حاضري ضروري هوندي آهي، درخواست پراڊڪشن تي ناهي، پهريان پي ٽي آءِ باني جي بريت جي درخواست تي بحث ڪري وٺو.
تنهن بعد عدالت پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ بريت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ڪجهه دير بعد ٻڌائيندي بريت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.