پرويز الاهي جيل واش روم ۾ ڪِرڻ سبب زخمي، انتظاميا پاران رپورٽ عدالت ۾ پيش

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي واش روم ۾ ڪِري پيو.
لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج ارشد حسين ڀٽا پنجاب اسيمبلي ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ پرويز الاهي جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي.
ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جيل عدالت کي ٻڌايو ته پرويز الاهي 17 مارچ تي واش روم ڪِري پيو هو جنهن سبب کيس فريڪچر ٿيو آهي.
عدالت جوابدارن جو انگ پورو نه هئڻ تي فرد جرم لاڳو نه ڪيو ۽ فرم جرم لاءِ جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي چار اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.