حسن ۽ حسين نواز ڪرپشن جي ٽن ڪيسن ۾ بري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت فليگ شپ، ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ حسن نواز ۽ حسين نواز کي بري ڪري ڇڏيو.
عدالت حسن نواز ۽ حسين نواز جي بريت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون.
اڄ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز جي فيلگ شپ، ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي جنهن ۾ صفائي واري وڪيل مصباح ۽ نيب پراسڪيوٽر دليل ڏنا.
عدالت
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ بريت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.