ڪوٽڙي: فلور مل مان چوڪيدار جو تشدد ٿيل لاش هٿ، قتل جو خدشو

ڪوٽڙي( رپورٽ نويد راجپوت ) ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي جي فلور مان چوڪيدار جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو.
خانگي فلور مل مان چوڪيدار گھنشام ميگهواڙ جو تشدد ٿيل کٽ سان ٻڌل لاش هٿ آيو.
اطلاع تي ڪوٽڙي سائيٽ پوليس پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو.
پورهيتن ٻڌايو ته هو صبح فيڪٽري جي گيٽ تي پھتا ته چوڪيدار گيٽ نه کوليو، ڀت تي چڙهي ڏٺو ته گهنشام رتو رت رسن سان ٻڌل هو.
مل اختيارين ٻڌايو ته گدام مان 60 کان مٿي ڪڻڪ جون ٻوريون به گم آھن شڪ آھي ته چوڪيدار کي قتل ڪندڙ چور آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.