ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.
گرفتاري وارنٽ راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف جاري ڪيا.
عدالت مراد سعيد، شيرين مزاري، شهباز گل ۽ شبلي فراز جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
علي امين گنڊاپور جي گرفتاري وارنٽ 9 مئي واقعن بابت ڪيس ۾ جاري ٿيا، سندس خلاف سٽي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.
عدالت 2 اپريل تي علي امين گنڊاپور کي پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.