سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، قانون ٺهڻ گهرجي: محسن نقوي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان تي حملو ڪندڙن کي انهن جي ٻوليءَ ۾ جواب ڏينداسين، دهشتگردي جي معاملي تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي
ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان جي خودمختياريءَ تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، غيرقانوني طور ترسيل سمورن پرڏيهين کي واپس وڃڻو پوندو.
وفاقي گھرو وزير چيو ته ڪنهن به عمل جو فوري ردعمل ڏينداسين، سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا قانون لاڳو آهن، سوشل ميڊيا قانون اچڻ گھرجن، سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي
محسن نقوي پي سي بي چيئرمين به آهي، ان حوالي سان هن چيو ته ٻنهي عهدن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.