تنگواڻي ۾ پوليس پاران استاد الله رکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آپريشن، ڏوهارين جا ٺڪاڻا ساڙيا ويا

تنگواڻي ( ويب ڊيسڪ ) تنگواڻي ۾ پوليس پاران استاد الله رکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪري ڏوهارين جا ٺڪاڻا ساڙيا ويا.
ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻ جي پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا آهن، جئن ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو وڃي.
پوليس موجب، ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪجھه ٺڪاڻن کي باھ ڏئي ساڙيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي کي ڏوهارين کان صاف ڪرڻ تائين آپريشن جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.