لپٽن چانهه پاران عورتن جي صحت جي حوالي سان پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن سان معاهدو

ڪراچي (پ ر) لپٽن چانهه عورتن جي صحت جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ڪندي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن سان معاهدو ڪري ورتو آهي. هن معاهدي تحت رمضان شريف دوران ۽ ان کانپوءِ به عورتن جي صحت لاءِ ڪم ڪيو ويندو.

معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ لپٽن پاران هڪ ڪروڙ رپين جو عطو پڻ ڪيو ويو. اها رقم ضرورتمند ڳورهارين عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جناح سنڌ ميڊيڪل سينٽر جي عورتن جي ونگ حوالي ڪئي ويندي .

هن منصوبي تحت ڪراچي، سنڌ جي ٻين شهرن ۽ بلوچستان جي 10 هزار عورتن کي مفت طبعي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

لپٽن بي ايس پي اي اين ۽ جي ايم پاڪستان جي صدر فرحين سلمان جو چوڻ هو ته اسان سمهون ٿا ته هر عورت بهترين طبي سهولتون حق آهي ۽ اسان جو پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن سان معاهدو ان جي هڪ ڪڙي آهي. هن معاهدي تحت اسان اميد ڪريون ٿا ته هزارين عورتن جي زندگين تي اثر پوندو.

پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن جي چيئرمين مشتاق ڇاپرا چيو ته پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن پاران هزارين عورتن کي مفت سهولتون ڏنيون پيون وڃن ۽ لپٽن سان اسان جو معاهدو اسان اها سگهه وڌائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.