جائزي جون ڳالهيون مڪمل، پاڪستان آءِ ايم ايف کي معاشي ڪارڪردگي تي مطمئن ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي مشن وچ ۾ اقتصادي جائزي بابت ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويون، پاڪستان لاءِ 1.1 ارب ڊالرن جي آخري قسط جا واضح امڪان آهن، پاڪستان آءِ ايم ايف مشن کي معاشي ڪارڪردگي تي مطمئن ڪري ورتو.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي مشن وچ ۾ اقتصادي جائزي جون ڳالهيون مڪمل ٿي ويون، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تحت آخري اقتصادي جائزي جي ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي رهي ۽ آءِ ايم ايف طرفان اڄ رات پڌرائي جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان لاءِ 1.1 ارب ڊالرن جي آخري قسم جا واضح امڪان آهن، معاهدي ۽ ڪاميابي جو حتمي اعلان آءِ ايم ايف پڌرائي ذريعي ڪيو ويندو، پاڪستان آءِ ايم ايف مشن کي معاشي ڪارڪردگي تي مطمئن ڪري ورتو آهي ۽ آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ اپريل ۾ پاڪستان لاءِ 1.1 ارب ڊالرن جي قسط منظور ڪري سگهي ٿو.
هوڏانهن ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي آمريڪي سفير سان اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي ٽيڪس نظام ۽ سيڙپڪاري جي ماحول ۾ بهتري سميت پاڪستان جا سڌارن جا هدف پورا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ آمريڪي سهڪار ۽ حمايت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آمريڪي سفير آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي موجوده اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.