شهلا رضا پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي پهرين عورت صدر چونڊجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي شهلا رضا کي پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) جي صدارت ڏني وئي آهي.
پي ايڇ ايف ڪانگريس جو غير معمولي اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، اهو اجلاس سيڪريٽري پي ايڇ ايف حيدر حسين طلب ڪيو هو.
پي ايڇ ايف ڪانگريس اجلاس ۾ نيشنل بئنڪ ۽ پاڪستان ڪسٽم جي نمائندن به شرڪت ڪئي، ڪانگريس اجلاس ۾ 64 مان 54 ميمبر شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ گڏيل طور تي شهلا رضا کي صدارت ڏني وئي، شهلا رضا پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي پهرين عورت صدر بڻجي وئي، ان کان اڳ هوءَ پي ايڇ ايف جي نائب صدر طور فرض انجام ڏئي رهي هئي.
ان کانسواءِ شجاع اقبال پاشا کي سيڪريٽري فنانس چونڊيو ويو.
واضح رهي ته هاڪي فيڊريشن جي ٻئي گروپ جو اجلاس راڻا مجاهد جي سربراهي ۾ خميس تي اسلام آباد ۾ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.