عماد وسيم عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان سپر ليگ جي هيرو عماد وسيم چيو آهي ته هو وڌيڪ چئن کان پنجن سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ تيار آهي.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جو فائنل گذريل رات ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏيو ويو جتي اسلام آباد ملتان کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏني.
آخري دنگل ۾ يادگار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ عماد وسيم کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جنهن 23 رنسون ڏئي پنجن رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو ۽ سترنهن بالن تي 19رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
ميچ کانپوءِ عماد وسيم چيو ته مان نه سوچيو هو ته هي ٽورنامينٽ منهنجي لاءِ بهترين ثابت ٿيندي، مان بس پنهنجو اثر ڇڏڻ پئي چاهيو، مون لاءِ ايونٽ يادگار رهيو جنهن تي تمام گهڻو خوش آهيان.
هن چيو ته مون بيٽنگ ۾ ڪيئي ڀيرا ڪارڪردگي ڏيکاري پر فائنل ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪرڻ ۽ اهم ميچ ۾ ڪريز تي ڄمي بيهڻ مون لاءِ نئون تجربو هو، پر مون سکيو ته اسان کي اِها ميچ جلدي ختم ڪرڻ گهرجي ها، پر خوشي آهي ته حنين شاهه ميچ ختم ڪئي.
عماد وسيم وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ کيڏي خوش آهيان، فٽ آهيان ۽ وڌ کان وڌيڪ ٽيم ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان مون کي لڳي ٿو وڌيڪ چئن کان پنجن سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي سگهان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.