ڊائو يونيورسٽي ڪتي جي چڪڻ جي ويڪسين تيار ڪري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊائو يونيورسٽي ڪتي جي چڪڻ تي اينٽي ريبيز ويڪسين ”ڊائو ريب“ تيار ڪري ورتي.
ڊائو يونيورسٽي جي ترجمان موجب ڊائو ريب ويڪسين شروعاتي طور تي سنڌ ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي، ويڪسين هڪ فون ڪال تي 48 ڪلاڪن ۾ گهربل هنڌ پهچائي ويندي.
ڊائو يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر محمد سعيد قريشي هڪ تقريب ۾ ڊائو ريب جو افتتاح ڪندي چيو ته ويڪسين جون 30 هزار خوراڪون ورهائي نيٽ ورڪ کي فراهم ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته ڪجهه هفتن ۾ چين کان حاصل ڪچي مال سان ويڪسين جون واڌو هڪ لک 70 هزار خوراڪون تيار ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.