پاڪستان ۽ ڀارت جي آسٽريليا جي دوري بابت اهم تفصيل سامهون اچي ويا

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان ۽ ڀارت جي سيريز جي وينيوز کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي.
هلندڙ سال پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آسٽريليا جو دورو ڪنديون، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي نومبر ۾ ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ شيڊيول ميچون ڇهن مختلف وينيوز تي کيڏيون وينديون، جن ۾ ميلبورن، سڊني، ايڊيليڊ، ڪينبرا، برسبين ۽ هوبارٽ شامل آهن.
ان کانسواءِ ڀارت کي آسٽريليا جي دوري دوران پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي، ڪرڪيٽ آسٽريليا ٽيسٽ سيريز جي وينيوز کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
ٽيسٽ وينيوز ۾ پرٿ، ايڊيليڊ، برسبين، ميلبورن شامل آهن ۽ ايڊيليڊ ٽيسٽ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا ٻنهي سيريز جي شيڊيول جو جلد اعلان ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.