اسٽيبلشمينٽ جو مسئلو سياسي نه پر نفسياتي آهي

تحرير: وسعت الله خان

 

اٺ فيبروري اُهو لاش آهي جيڪو طوفاني سياسي سمنڊ مٿان عرصي تائين ترندو رهندو. هي  قوم جي پٺيءَ تي ٻڌل اھو دٻو آھي جيڪو دير تائين وڄندو رھندو.توهان ڀلي پاڻ کي ڪيترو به مطمئن ڏيکاءَ ڏيندا رھو،پر دنيا جي  چپن تي پکڙيل اداس مسڪراهٽ تھ ڦرڻ کان رھيا.

اھو جيڪو مثال آهي ته اڳڀرائي جو بهترين نقشو پڻ تيستائين ئي ڪارآمد رھي ٿو،جيستائين جنگ شروع نھ ٿي وڃي.جنگ پنهنجو نقشو خود ٺاهيندي آھي.جيڪي وار روم جي ميز تي نٿا نظر اچن اھي ئي غير متوقع ڏار ڳچيءِ جا ھار بڻجندا ويندا آھن،ھڪ ڀرجي ٿو تھ ٻيو ظاھر ٿئي ٿو.

ڪنهن کي خبر هئي ته مولانا فضل الرحمان جهڙي سسٽم کي گھوٽي پي ويندڙ شخصيت کي  پنهنجي گهر (ڊيره اسماعيل خان) کان گھڻو پري پشين (بلوچستان) ۾ چونڊ لاءِ پناهه جي جاءِ ملندي.

ڪنهن کي خبر هئي ته نوازشريف کي پنهنجي ئي گهر (لاهور) ۾ ھڪ فارم ستيتاليھھ تي فاتح ڏيکاريو ويندو،جنهن ۾ هڪ بال پوائنٽ سان ھڪ کي يارنهن ٺاهيو ويندو ۽ پوءِ اهو فارم به اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تان ۽ نواز شريف کي مسلم ليگ جي سپاھين کان ھٽائڻو پوندو.

ڪنهن کي خبر هئي ته پيپلز پارٽي اسيمبليءَ ۾ ٽئين نمبر تي اچڻ باوجود ڪنگ ميڪر بڻجي ويندي ۽ شهباز شريف کي وزير اعظم برقرار رکرائڻ جي لاءِ قيمت ٻوٽيءِ جي بدلي سڄي ٻڪر جي شڪل ۾ وصول ٿيندي. صدر ان جا ٻه گورنر ان جا، سنڌ ۽ بلوچستان جا وڏا وزير ان جا ۽ پنجاب ۾ بھ نالي ماتر اڪثريت ھئڻ باوجود ڪجهھ وزارتون ان جون.۽ جنھن پارٽي کي سادي اڪثريت ڏيارڻ جي رٿابندي ھئي، ان جي ھٿ ۾ ڇا آيو.ارينج ميريج واري اتحادي حڪومت، پنجاب جي وڏ وزارت ۽ بلوچستان حڪومت ۾ جزوي حصو پتي.

وفاقي ڪابينا جي ٽن سڀني کان اھم کاتن،ناڻي،گھرو ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن تي ماسٽر سپريم پنهنجن ٽيڪنوڪريٽس (اورنگزيب، محسن نقوي، احد چيما) ويھاري ڇڏيا ۽ اھو نياپو بھ ڏنو تھ ٽئي سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي نھ ھئڻ باوجود  مسلم ليگ (ن) جي ووٽن سان کٽڻ گھرجن.ڀلي انھن جي گنجائش ڪڍڻ لاءِ اٺ فيبروري  جي ڌڪيلن، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق، خرم دستگير ۽ جاويد لطيف جھڙن جيالن کي  جھنڊي ڏيکارڻي پئجي وڃي.

۽ اھا ڪنھن کي خبر ھئي تھ غفار خان جي پڙپوٽي ،ولي خان جي پوٽي ۽ اسفنديار جي پٽ ايمل ولي خان رھندو چارسدا ۾ ۽ سينيٽ جي چونڊ وڙھندو بلوچستان مان ۽ انوار الحق ڪاڪڙ بلوچستان جي رائج فاسٽ ٽريڪ کان سينيٽ تائين ۽ اتان کان وزيراعظم هائوس منتقل ٿيندو ۽ پوءِ ٻيهر اميدوار بڻائي سينيٽ ۾ آندو ويندو ۽ اها بھ اڻ ٿيڻي ناھي ته هڪ ڏينهن هو سينيٽ جو چيئرمين بھ بڻجي ويندو.جيئن صادق سنجراڻي کي فاسٽ ٽريڪ تان سينيٽ ۾ آڻي ٻه ترقيون ڏئي،هاڻي بلوچستان اسيمبلي جي ايم پي اي جي شڪل ۾ چيف منسٽر ان ويٽنگ جي شارٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.

بلڪل ايئن جيئن سرفراز بگٽي کي بلوچستان جي ڪابينا مان سينيٽ ۾ آڻي ۽ پوءِ نگران حڪومت ۾ گهرو وزير بڻائي ۽ پوءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏياري، پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ڪرائي بلوچستان جو وڏو وزير بڻايو ويو.

پاڪستان ھونئن تھ، ڇاھتر سالن کان شطرنج جي وڇايل راند آھي، جنهن جي هڪ پاسي ڪجھ اڳ تائين سياستدان ۽ ٻئي پاسي فوجي اسٽيبلشمينٽ ويھي ڪري ڪجهه پنهنجون پنھنجون چالون چلندا هئا. جڏھن  موقعو ملندو هو ته مهرا اڳتي پوئتي ڪري ورتا.ڪو هارائڻ لڳندو هو ته جهيڙو ايجاد ڪري وٺندو هو ۽ زور آزمائي ۾ بساط اونڌي ٿي ويندي يا مھرا پنھنجي جاءِ تان ھٽي ڪرندا وينداھئا،پاڻ ۾ ٽڪرا ئي راند جو حليو بگاڙي  ڇڏيندا.

انهيءَ مٿي جي سور  جو حل اهو ڪڍيو ويو  ته هاڻي رڳو هڪڙو رانديگر هوندو، جيڪو ٻنهي پاسي ويھي کيڏندو. باقي رانديگرن کي مھرن جي جاءِ تي بيهڻو پوندو ۽ بورڊ تي مهرن جي ترتيب ڪجهھ ايئن ھوندي، جو تون ھِن پارٽي ۾ ھليو وڃ،تون  اڇي کي پٺ ڏئي، اڍائي گهر ٽپي وڃ. تون وزير جي جاءِ وٺ، توکي بادشاهه جي گھيري ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. تو رخ تي نظر رک ۽ تون في الحال اڳئين بازي تائين کانچي وڃ.

پر مشڪل ھيءَ اچي پئي آھي تھ تيز هوا تي ڪنهن جو به ڪنٽرول ناهي. بساط اڏامي نھ وڃي ان خوف کان ان جي ڪنارن تي وڏا ڳرا پٿر رکڻا پئجي رھياآهن ۽ اهي ڳرا پٿر به ڳولڻا پئجي رھيا آهن، ڇاڪاڻ ته اھي اڪثر تھ عوام پنهنجي پيٽ تي ٻڌي ڇڏيا آهن. مھرا به ٿڪجي پيا آهن ۽ بازي ڏسندڙ پڻ.ٿڪجي تھ رانديگر بھ پيو آھي، پر کيڏندو پيو وڃي. پر ان سوال جو جواب وٽس بھ ناهي ته،جيڪڏھن اھو شطرنج جي بساط جي ٻنهي پاسن تي ويهي به  پاڻ کٽيل سمجھي تھ ان فتح جو ڇا ڪندو ؟

جب ہم ہی نہ مہکے پھر صاحب

تم بادِ صبا کہلاؤ تو کیا

(عبید اللہ علیم)

ٿورو ان رام جي بوريت جو تصور ڪريو جنھن جي سامھون ڪو  راوڻ  نھ ھجي.تنهنڪري اهو ثابت ٿيو ته مسئلو نه سياسي آهي، نه معاشي ۽ نه اسٽريٽجڪ. مسئلو شايد نفسياتي آهي.

پاڪستان ھونئن تھ، ڇاھتر سالن کان شطرنج جي وڇايل راند آھي، جنهن جي هڪ پاسي ڪجھ اڳ تائين سياستدان ۽ ٻئي پاسي فوجي اسٽيبلشمينٽ ويھي ڪري ڪجهه پنهنجون پنھنجون چالون چلندا هئا. جڏھن  موقعو ملندو هو ته مهرا اڳتي پوئتي ڪري ورتا.ڪو هارائڻ لڳندو هو ته جهيڙو ايجاد ڪري وٺندو هو ۽ زور آزمائي ۾ بساط اونڌي ٿي ويندي يا مھرا پنھنجي جاءِ تان ھٽي ڪرندا وينداھئا،پاڻ ۾ ٽڪرا ئي راند جو حليو بگاڙي  ڇڏيندا.انهيءَ مٿي جي سور  جو حل اهو ڪڍيو ويو  ته هاڻي رڳو هڪڙو رانديگر هوندو، جيڪو ٻنهي پاسي ويھي کيڏندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.