پيوٽن روس جو پنجون ڀيرو صدر چونڊجي ويو

روس ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ولاديمير پيوٽن ھڪ ڀيرو ٻيھر 87 سيڪڙو ووٽ کڻي پنجون ڀيرو ان عھدي تي پھچي ويو آھي.سندس ڪاميابي يقيني ھئي.ڇاڪاڻ جو سامھون ڪو بھ مضبوط اميدوار نھ ھو.ملڪ جي ڪجهھ حصن ۾ چونڊن خلاف مظاھرا بھ ٿيا آھن،پر اھي نالي ماتر آھن.

صدر جي مقابلي لاءِ سامھون آيل واحد مقبول ماڻيندڙ اڳواڻ کي سرڪاري مشينري نامزدگيءَ جا ڪاعذ رد ڪري خاموش ڪرائي ڇڏيو ھو.فيبروي جي آخر ۾ پنھنجي منشور جو اعلان ڪندي صدر ڪجهھ سڌارن جو اعلان ڪيو ھو.ان دوران دلچسپ پاسو ھي ھو تھ صدر پيوٽن تقرير ڪندي چيو ھو تھ ماڻھون غربت، تعليم،صحت ۽ انفراسٽرڪچر بابت ڳالھائين ٿا.ٻين لفظن ۾ ھو اعتراف ڪري رھيو ھو  ته 20 سالن تائين صدارت ۾ رهڻ جي باوجود ھو، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ روس جي بجيٽ جو 40 سيڪڙو قومي سلامتي ۽ فوجي معاملن تي خرچ ٿئي ٿو.روسي حڪومت پاران اعلان ڪيل قدمن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ واڌو سيڙپڪاري جي گھرج آھي ڇاڪاڻ جو اتي پڻ ڪرپشن جا سنگين مسئلا  موجودآھن.

چونڊ نتيجن موجب ولاديمير پيوٽن 87 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آھن.گذريل سال ڊسمبر ۾ گرانڊ ملٽري ايوارڊز جي تقريب ۾ 71 سالن جي ولاديمير پيوٽن اعلان ھو، ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر صدارتي اميدوار هوندو.ان وقت پيوٽن يوڪرين ۾ ’اسپيشل ملٽري آپريشن‘ ۾ حصو وٺندڙ فوجي اهلڪارن ۾ ايوارڊ ورهائي رهيو هو.ان بعد روسي ميڊيا جي مشينري ۽ سرڪاري چينلن صدر پيوٽن کي قومي هيرو طور پيش ڪيو.اھو تاثر بھ ڏنو ويو تھ ھو سمورن متوقع مخالفن تي غالب آهي.

ولاديمير پوٽن جوزف اسٽالن کان پوءِ روسي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪندڙ اڳواڻ آهي.پيوٽن 2000 کان صدر جي عھدي تي فائزآهي. صرف هڪ ڀيرو هو چئن سالن لاءِ وزيراعظم رهيو آهي. روسي آئين موجب ڪو به شخص رڳو ٻھ ڀيرا صدر چونڊجي سگهي ٿو،جنھن بعد صدر پيوٽن آئين ۾ تبديليون ڪيون. جيئن هو 2024ع ۾ ٻيهر صدارتي چونڊ وڙهي سگهي. ان جو مطلب آهي ته صدر پيوٽن 2030ع ۾ ھڪ ڀيرو وري صدارتي چونڊ وڙهي سگھندو.

ايوان صدر۾ رھندي پيوٽن اقتدار تي گرفت گھڻي مضبوط ڪئي ۽ اقتدار جي رستي ۾ ھر امڪاني  رڪاوٽ کي ختم ڪري ڇڏيو آھي. مٿس تنقيد ڪندڙ يا ته مري ويا آھن يا وري جيل ۾  آھن يا  جلاوطن ڪيا ويا آھن.ھاڻي روسي مشينري چونڊ عمل کي شفاف قرار ڏيڻ ۽ ووٽن جي شرح کي وڌائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي.جئين ان کي پاپولر مينڊيٽ بڻائي سگھجي.

روس ۾ 2018 جي صدارتي اليڪشن ۾ 68 سيڪڙو ووٽن جو ٽرن آئوٽ رڪارڊ ڪيو ويو، پر عالمي مبصرن ان ۾ ڌانڌلي جي نشاندھي ڪئي ھئي.هن ڀيري ووٽنگ جو طريقو وڌيڪ آسان ڪيو ويو ھو. ووٽنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ اندازو لڳايو ويو ته ٽرن آئوٽ 74 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندو.صدر پيوٽن کان علاوه بيلٽ پيپر تي ڪميونسٽ پارٽي جي اميدوار نڪولائي خريتونوف جي تصوير به هئي.

سوويت يونين جي ٽٽڻ  جي30 سالن کانپوءِ به ڪميونسٽ پارٽي روس جي ٻي مقبول ترين پارٽي آهي. ان جي حامين ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد آهي، جيڪو اڃا تائين سوويت يونين کي ياد ڪري ٿو. پيوٽن جي مقابلي ۾ بيٺل ٻين ٻن اميدوارن ۾ ليونيڊ سلٽسڪي ۽ ولاديسلاف ڊوانڪوف هئا، جن جو تعلق لبرل ۽ پرو بزنس پارٽين سان آهي.

ماسڪو جي ھڪ مقامي ڪائونسلر بورس نديز الدين چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ اميد هئي ته مقابلو ٿيندو.ٽاڪ شوز ۾ يوڪرين جي جنگ تي روس مٿان تنقيد ڪندر اڳواڻ طور ھو سامھون اچي رھيو ھو.پر اڳ ۾ يوڪرين جنگ بابت تنقيد ڪندڙ اڪثر جيل ڀيڙا ھئا. بورس نديز الدين جي نامزدگي ڪاغذن تي دستخطن کي ڪوڙو قرار ڏئي، ڪاغذ رد ڪيا ويا.پر اصل سبب ھن جي وڌندڙ مقبوليت جو ڊپ ھو.جنھن بعد چونڊن ۾ مقابلو وارو تصور ئي ختم ٿي ويو ھو. صدر پيوٽن سڌارن ۾نئون ٽيڪس نظام متعارف ڪرائڻ ۽ روس ۾ ٻارن جي پيدائش جي شرح کي وڌائڻ جا اعلان ڪيا ھئا.

 

روس ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ولاديمير پيوٽن ھڪ ڀيرو ٻيھر 87 سيڪڙو ووٽ کڻي پنجون ڀيرو ان عھدي تي پھچي ويو آھي.سندس ڪاميابي يقيني ھئي.ڇاڪاڻ جو سامھون ڪو بھ مضبوط اميدوار نھ ھو.ملڪ جي ڪجهھ حصن ۾ چونڊن خلاف مظاھرا بھ ٿيا آھن،پر اھي نالي ماتر آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.