پرڏيهي برانڊ ۽ اسان مسلمان، آخر ڪاڏي وڃي شيطان

مهدي بلوچ

رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر ايندي ئي فرضي شيطان هڪ مهيني لاءِ بند ٿي ويو آهي، جڏهن ته اصلي شيطان ٻاهر اچي چڪا آهن، شيطان پاڻ شرمنده آهي ته پاڪستان ۾ ڇو آيو ۽ اهڙن مسلمانن ۾ ڪيئن ڦاسي پيو، جيڪي مون کان به وڌيڪ شيطان آهن.
هي واقعو شيطان جي قيد ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ جو آهي، جڏهن مان دنيا جي هڪ وڏي ”جنڪ فوڊ سينٽر“ تي ويس، جتي هڪ زنگر برگر 600 جو ملي رهيو هو ۽ ٻاڪرو گوشت 1700 رپين جو ته مان دل ئي دل ۾ ان پرڏيهي برانڊ واري فوڊ ڪارنر بابت سوچڻ لڳس ته اڄ چنڊ نظر ايندو ۽ اهي 600 وارو برگر 800 رپين ۾ کپائڻ لڳندا، جڏهن ته الله اڪبر جو نعرو هڻي ٻڪرو ذبح ڪندڙ مسلمان 1700 کان پنهنجي بچت کي ڇڏي گهٽ ريٽ ۾ گوشت کپائڻ لڳندو، رات ٿي ۽ چنڊ نظر آيو، مان خوشي ۾ جهومي پيس ۽ هر هڪ دوست کي فون ڪال، ميسيجن ۽ روبرو مبارڪ ڏيڻ لڳس ته ايتري ۾ گهران ڪال آئي ته سبزي، کير، گوشت ۽ ٻيو سامان وٺي اچ ته جيئن صبح پهريون روزو رکون.
مان ڊڪندو پهريان ٻاڪرو گوشت کپائيندڙ مسلمان ڀاءُ وٽ ويس ۽ شيطان جي قيد ٿيڻ سان گڏ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جي مبارڪباد ڏني ۽ مسلمان ڀاءُ به مون کي مبارڪ ڏني، مان بنا ريٽ پڇڻ جي چيو ته ”ادا ٻه ڪلو گوشت ته ڏيو سٺڙو“، هن گوشت ٺاهيو ۽ پارسل ڪري ڏنو، مان چڪرائجي ان وقت ويس، جڏهن ان ڪاسائي مسلمان ڀاءُ چيو ته ”توهان جا 4400 ٿيا“، مان چيو ڀاءُ خدا جو خوف ڪيو رڳو هڪ ڏينهن ۾ 1700 کان 2200 رپيا ڪلو ٿي ويو؟ ته منهنجي ڀاءُ چيو ”وٺڻو اٿوَ ته وٺو نه ته هليا وڃو“، خير مان حيران ۽ پريشان چهري سان بنا ڪنهن بحث جي پئسا ڏئي سبزي واري وٽ ويس ۽ ڏٺو ته ڇا نوراني چهرو، منهن ۾ رونق، مٿي تي اڇي رنگ جي ٽوپي ۽ ڏاڙهي رکيل، اهو سبزي وارو ريڙهي تي سبزي کپائي رهيو آهي، مان تڪڙ ۾ ان کي سلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون کان اڳ ئي ان نوراني چهري واري بابا سلام ڪيو ۽ رمضان جي چنڊ جي مبارڪ ڏني، مان سلام جو جواب ڏيندي خير مبارڪ چيو ۽ هن دفعي مان اڳ ۾ ريٽ پڇيو ته بابا منهنجي لونءَ ڪانڊاري ڇڏي، ريڙهي واري جا اڳ کان لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو وڌيڪ ريٽ هئا ۽ چپ چاپ سبزي وٺڻ منهنجي مجبوري هئي، خير سبزي به ورتي ۽ پوءِ وٺڻو هو کير، جيئن ئي پاڙي جي مشهور حافظ کير واري جي دڪان ”مدني شاپ“ تي پهتس ته کير جو ريٽ ٻڌي منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ اندر ئي اندر ۾ چوڻ لڳس ته ”انسانيت اڄ به زندهه آهي، اهو شخص هڪ مهينو اڳ به اهو ئي ريٽ وٺي رهيو هو ۽ اڄ به“، بس اهو خوشي جو لمحو کڻي ڊوڙندي گهر پهتس ۽ سڄو قصو پنهنجي گهرواري کي ٻڌايو، گهرواري کير واري حافظ صاحب جي ايمانداري تي صفا خوش نه ٿي ۽ ڪو ردعمل نه ڏنو، بس ايترو چيائين ته ”وڃ ٻارن لاءِ زنگر برگر وٺي اچ، تيستائين چانهه پچايان ٿي پوءِ گڏ ٿيا پيئون“.
مان بيگم جي حڪم تي ان ئي پرڏيهي برانڊ واري ان فاسٽ فوڊ تي هليو ويس ۽ ڏٺو ته زبردست قسم جي ڊيل لڳل آهي، جنهن جو نالو ”رمضان ڊيل“ هو، ان ۾ ٻه برگر، ٻه ڪولڊ ڊرنڪ ۽ 6 ڪڪڙ جا پيس هئا ۽ ان جو ريٽ رڳو هڪ هزار رپيا هو، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ اهو رڳو هڪ زنگر برگر 600 جو کپائي رهيو هو، خير مان حيران ۽ پريشان ٿي گهر پهتس ۽ بيگم کي آواز ڏنو ته ”جلدي اچ ڊيل آندي اٿم، هي پرڏيهي برانڊ وارا کير واري حافظ جيان ايماندار آهن، ان ريٽ ته ناهن وڌايا پر سستي ڊيل ڏئي رهيو آهي“، ايتري ۾ بس سڏڻ جي دير هئي ۽ بيگم هڪ هٿ ۾ ٻُهاري ۽ ٻئي ۾ جوتو کڻي ڊوڙندي مون ڏانهن آئي، ٻه يا ٽي ڪجهه ياد ناهي پر ٻُهاري ۽ جوتو تمام تيز لڳا ۽ منهنجو چهرو اڄ ڇهين ڏينهن تحرير لکڻ تائين ڳاڙهو آهي.
حقيقت ۾ ڳالهه اها آهي ته اهو کير وارو، مدني ملڪ شاپ جو مالڪ سڀ کان وڌيڪ چالو نڪتو، اڳ 5 ڪلو کير ۾ رڳو ٻه ڪلو پاڻي ملائيندو هو ۽ رمضان ۾ 5 ڪلو کير ۾ 5 ڪلو پاڻي ملائي رهيو آهي، توهان سوچيندا هوندا چانهه ته پوءِ به ٺهي وڃي ها پر ان کي جوتا ڇو پيا؟ ته ڳالهه اها آهي ته حافظ جي دڪان جي بجلي ٻن ڏينهن کان ڊائريڪٽ ڪنڊا ڪنيڪشن سبب واپڊا وارا ڪاٽي ويا هئا ۽ کير خراب ٿي ويو هو، مان به ائين سڀني تي مسلمان هجڻ خاطر يقين ڪندس ته جوتا به لڳڻا هئا.
نتيجو اهو نڪتو ته شيطان پاڪستان مان هن رمضان ۾ قيد ڪاٽڻ کانپوءِ هميشه لاءِ ڀڄي ويندو، اهو ان حتمي فيصلو ڪيو آهي پر شيطان آخر ۾ فساد ڪري ويو آهي، ڇو ته هاڻ فروٽ وارا، سبزي وارا، کير وارا ۽ ڪيترائي لڳ ڀڳ 10 لک اميدوار شيطان جي ڇڏيل سيٽ تي اميدوار بڻجي چڪا آهن ۽ ووٽر زور شور سان نعرا هڻندي پنهنجي پنهنجي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.