شير افضل مروت پنهنجي ئي حڪومت کي ڪرپٽ قرار ڏئي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومتي دور ۾ تمام گهڻي ڪرپشن ٿي رهي هئي، ماڻهو ارب پتي نه کرب پتي بڻجي ويا هئا.
ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ شير افضل مروت چيو ته اڄ اڳوڻو وڏو وزير محمود خان هڪ ئي مائن سان 25 لک رپيا روز ڪمائي ٿو، علي امين گنڊاپور به پي ٽي آءِ جا 9 وزيرن جي ڪرپشن بابت ٻڌائي رهيو هو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي بني گالا بدران اڊيالا جيل ۾ رکڻ جو بيانيو منهنجو نه هو، پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ رکڻ جو فيصلو پارٽي جو هو، پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ رکڻ بابت اجلاس ۾ عليمه خان به موجود هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.