عوام لاءِ بُري خبر، گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) گئس اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جي درخواست اوگرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
سوئي سدرن طرفان 274 رپيا 40 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
سوئي سدرن پهرين جولاءِ 2024 کان گئس مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، گئس جي نئين سراسري قيمت 1740.80 رپيا مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ سوئي سدرن جو 79 ارب 63 ڪروڙ رپيا روينيو شارٽ فال جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ مقامي گئس جي مد ۾ روينيو شارٽ فال جو ڪاٿو 56 ارب 69 رپيا ڪروڙ رپيا، جڏهن ته آر ايل اين جي جي شارٽ فال جو ڪاٿو 22 ارب 93 ڪروڙ 50 لک رپيا لڳايو ويو آهي.
اوگرا درخواست تي سڀاڻي ڪراچي ۾ ٻڌڻي ڪندي، اوگرا طرفان درخواست تي 20 مارچ تي ڪوئيٽا ۾ به ٻڌڻي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.