پال اسٽرلنگ، بابر ۽ ڪوهلي کان به اڳتي نڪري ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) آئرلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پال اسٽرلنگ بابر اعظم ۽ ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڇڏيندي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ اهم اعزاز ماڻي ورتو.
پال اسٽرلنگ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ 400 چوڪا هڻندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي، هن اهو ڪارنامو افغانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ انجام ڏنو.
آئرش ڪپتان 135 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 401 چوڪن ۽ 124 ڇڪن جي مدد سان 3463 رنسون ٺاهي چڪو آهي.
ان فهرست ۾ بابر اعظم ٻئي ۽ ويرات ڪوهلي ٽئين نمبر تي آهن، قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم 395 ۽ ڀارت جي ويرات ڪوهلي 361 چوڪا هنيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.