ڪراچي ۾ گرمي، اڳتي موسم ڪيئن رهندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي ۾ گرمي پد 36 ڊگري تائين رهيو، جڏهن ته سومر ۽ اڱاري تي 37 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ کان گهٽ گرمي پد 21 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڏينهن جو اتر اوڀر ۽ اتر اولهه کان گرم ۽ خشڪ هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شام جو سامونڊي هوائون گهلي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.