”اي آءِ ٽيڪنالاجي جادوئي انداز سان سمورا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي“

مائڪرو سافٽ جو شريڪ باني بل گيٽس گهڻي عرصي کان آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي جي پرزور حامي آهي پر اي آءِ جي سموري اڳڀرائي باوجود ان ٽيڪنالاجي جي حوالي سان خدشن کان به آگاهه آهي.
هڪ انٽرويو دوران بل گيٽس چيو آهي ته مان اي آءِ ٽيڪنالاجي جي خوبين ۽ خامين جو مشاهدو پاڻ ڪيو آهي، مان هر وقت ان کي استعمال ڪندو آهيان ۽ چوندو آهيان هي اڃا مثالي ته ناهي پر پوءِ به ڪافي سٺي ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته اي آءِ ڪيترن ئي شعبن مثال طور دوائن جي تياري ۽ زراعت لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي پر ڪجهه شعبن ۾ ان جي ڪارڪردگي مطمئن ڪندڙ ناهي.
سندس چوڻ هو ته موجوده اي آءِ ماڊلز جادوئي ناهن ۽ اهو ئي ڪم تيزي سان ڪندا آهن، جن جي ڊيٽا ان ٽيڪنالاجي کي دستياب هوندي آهي.
بل گيٽس موجب اي آءِ ٽيڪنالاجي جادوئي انداز سان انهن شعبن جي مسئلن کي حل نٿي ڪري سگهي، جن ۾ انسانن جي پنهنجي صلاحيت ڪجهه وڌيڪ سٺي ناهي.
هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اي آءِ سان مشاورت ڪرڻ جي حوالي سان اسان کي محتاط رهڻ گهرجي، ان تي اڃا گهڻو ڪم ٿيڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.