وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ صفائي مهم

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي شيخ الجامعه پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري يونيورسٽي ۾ صفائي مهم ڪرڻ تي اماميه اسٽوڊنٽس جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ اڳتي به جاري رکڻ جي تلقيد ڪئي.
پروگرام کانپوءِ فلسطين سان همدردي جي اظهار لاءِ آءِ ايس او طرفان لڳل بئنرن تي شيخ الجامعه صحيحون ۽ پيغام لکيا ۽ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هر قسم جي ڪوششن کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو.
پروگرام دوران هن استادن کي به تاڪيد ڪيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين سان هاڪاري رويو رکن، انهن جي تعليمي ۽ تربيتي معاملن کي منظم ڪرڻ توهان جي ذميوارين ۾ شامل آهي.
اماميه اسٽوڊنس آرگنائيزيشن جامعه اردو يونٽ طرفان جامعه ۾ صفائي مهم جي شروعات ڪئي وئي، صدر آءِ ايس او جامعه اردو يونٽ برادر محمود علي، قائم مقام رجسٽرار ڊاڪٽر محمد صديق، صدر شعبه ڪمپيوٽر سائنس ڊاڪٽر صارم، ڊاڪٽر عرفان، صدر شعبه بي بي اي ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر نمرا، صدر شعبه خرد حياتيات ڊاڪٽر صائمه فراز، پروفيسر زيبا، سر منهاج الموسوي، ڊاڪٽر ساجد جهانگير، اسٽوڊنٽس ايڊوائيزر سعديه خليل فرزند علي، ڪيمپس آفيسر، جنرل سيڪريٽري ضمان حيدر، انچارج يونيورسٽيز ڪراچي ريجن اسد غالب، اڳوڻي جنرل سيڪريٽري زوهير حسن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
صفائي مهم دوران شيخ الجامعه اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي ان مهم کي ساراهيو ويو ۽ اهڙي قسم جو هاڪاري عمل مستقبل ۾ به سرانجام ڏيڻ جي تلقين ڪئي.
هوڏانهن آءِ ايس او جي وفد طرفان شيخ الجامعه کي 12 نڪاتي سفارشون به پيش ڪيون ويون، ڪامياب صفائي مهم کانپوءِ صدر آءِ ايس او جامعه اردو يونٽ برادر محمود جو چوڻ هو ته صفائي مهم جو هدف يونيورسٽي کي صاف سٿرو رکڻ سان گڏ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جسماني، فڪري ۽ روحاني پاڪيزڪي ڏانهن ڇڪڻ آهي ته جيئن ايندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون نئين عزم سان سفر شروع ڪري سگهن، خوبصورت ۽ پاڪيزا ماحول هڪ صحتمند معاشري لاءِ نهايت ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.