اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.
صدر آصف علي زرداري ۽ گهرو وزير محسن نقوي چڪلاله گيريزن ۾ شهيد فوجي آفيسرن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي کين حوصلو به ڏنو.
صدر آصف علي زرداري مير علي حملي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.
هن چيو ته اسان جا بهادر ڀائر، پٽ ۽ دوست سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن، اسان دهشتگرد ڪارروائيون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.
سندس چوڻ هو واعدو ٿا ڪيون ته اسان جي پٽن جو رت رائيگان نه ويندو، پاڪستان جو عوام ۽ فوج گڏ آهي، اسان دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين.
ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته پاڪ فوج جي بهادر ثپوتن جرئت سان دهشتگردن جي عزمن کي ناڪام بڻايو، اسان جون سموريون همدريون شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي قوم متحد ۽ فوج سان گڏ بيٺي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ۽ ڪيپٽن محمد بدر سميت 7 فوجي جوانن شهادت ماڻي هئي.
Next Post
You might also like