سر سيد يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ڪونسلنگ سيشن

ڪراچي (پ ر) سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي انتظام هيٺ ڪونسلنگ سيشن ڪرايو ويو جنهن ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين، رجسٽرار سيد سرفراز علي، مختلف شعبن جي سربراهن، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

سيشن کي مقبول عالم مفتي طارق مسعود خطاب ڪيو ۽ ٻڌايو ته حقيقت اها آهي ته نه اسان پنهنجو پاڻ ٺهيا آهيون، نه اسان پنهنجو پاڻ کي ٺاهيو آهي، پر الله تعاليٰ اسان کي تخليق ڪيو آهي، سوال اهو آهي ته اسان ڇو تخليق ڪيو ويو، هر سوال جو جواب سائنس وٽ ناهي. اسان کي الله ۽ رسول صه ٻڌايو ته اسان جو هدف ڇا هجڻ گهرجي، اسان جو هدف الله جي رضا آهي ۽ ان جي رضا لاءِ انسانيت جي خدمت آهي، ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته اوهان هدف کي ان ويزن سان گڏائي هلو جنهن جي بنياد تي اوهان جي تخليق ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته سائنس جي ترقي اسلام اچڻ کانپوءِ شروع ٿي ڇو ته اسلام واحد مذهب آهي جيڪو اوهان کي عقل استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو، ڊگهي وقت تائين مسلمانن سائنسدانن کانسواءِ ڪجهه نالو ٻڌڻ لاءِ نه ملندو هو.

مذهبي اسڪالر مفتي طارق مسعود وڌيڪ چيو ته ذخيرا اندوزي، بدنيتي معاملا خراب ڪيا آهن، فطري ماحول ۾ آزاداڻو واپار ٿيڻ گهرجي، نظام جي خرابي جي درتگي ضروري آهي پر رياست خلاف وڃي نظام جي تبديلي ممڪن ناهي. اهڙا تعليمي ادارا قائم ڪرڻ گهرجن جيڪي ديني ۽ دنياوي ٻنهي جي تعليم جو مرڪز هجن.

ان موقعي تي اسلامڪ اسڪالر شيخ عاطف احمد چيو ته زندگي جي جنگ نه ڳالهين سان وڙهي سگهجي نه جذبن سان، منزلون رينگٽ ڪرڻ سان ناهن ملنديون، جيڪو الله کي نٿو مڃي، ان جي ڪاميابي رڳو محنت تي ڀاڙي ٿي ۽ جيڪو الله تي يقين رکي ٿو، ان جي ترقي جو مرڪز روحانيت آهي.

سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ولي الدين چيو ته زندگي ۾ جتي ڪاميابيون ملنديون آهن، اتي ناڪامي به ٿيندي آهي پر ناڪامي کان گهٻرائڻ نه گهرجي پر سکي اڳتي وڌندي حڪمت عملي ۾ مناسب تبديليون آڻجن.

پڄاڻي تي رجسٽرار سيد سرفراز علي سڀني جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.