8 فيبروريءَ جي عام چونڊن جي نتيجن کي هيل تائين جي ٿيل عام چونڊن مان سڀ کان وڌيڪ تڪراري قرار ڏنو ويو آهي، توڻي جو اليڪشن ڪيمشن جي ايڪٽ تحت ٺهيل فارمن ۾ مسلسل تضاد سامهون آيو آهي، رڳو ان سبب جي ڪري ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي پارٽيءَ انهن عام چونڊن کي ايماندارانا ۽ شفاف چونڊون قرار ناهي ڏنو، ماسوا انهن سياسي جماعتن جي جيڪي ڪوڙي ۽ جعلي ميڊيٽ تي ڪرسيون سنڀالي ويهي رهيا آهن.
حقيقي طور تي 2017 جي عام چونڊن جي ايڪٽ موجب ٻه فارم هوندا آهن، مثال فارم 45 هر پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر وٽ هوندو آهي، جنهن تي هر پولنگ اسٽيشن تي اميدوارن کي پيل ووٽن جي ڳڻپ جو نتيجو لکيو ويندو آهي ۽ فارم 47 هڪ تڪ جي سڀني پولنگ اسٽيشنن جي ووٽن جي ڳڻپ جي نتيجن جو عارضي گڏيل فارم (بيان) هوندو آهي جيڪو لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر (RO) پاران تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ تفصيل سان اهي سڀ نتيجا لکيا ويندا آهن. ان کان اڳ ڳڻپ ۾ حاصل ڪيل پوسٽل بيلٽس شامل هوندا آهن، جن جي ڳڻپ ڪري حساب ڪتاب ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو. ان کان علاوه ٻيا لاڳاپيل فارم به هوندا آهن، جهڙوڪ هر پولنگ اسٽيشن جو بيلٽ پيپر اڪائونٽ فارم 46 تي داخل ڪيو ويندو آهي، پرزائيڊنگ آفيسرن پاران پيش ڪيل ڳڻپ جي نتيجن جو گڏيل فارم بشمول پوسٽل بيلٽس جي ڳڻپ فارم 48 ۽ حتمي گڏيل نتيجا فارم 49 تي لکيا ويندا آهن، جيڪو فارم اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت چونڊن جي شفافيت ۽ ايمانداريءَ جي ضمانت ليکيو ويندو آهي، جيڪو چونڊ نظام جي ريڙھ جي هڏي هوندو آهي، جنهن تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو.
بنيادي طور يا ٿلهي ليکي ٽي فارم هوندا آهن، جيڪي چونڊ عمل جي سالميت کي برقرار رکندا آهن يا انهن جي شفافيت جا ضامن هوندا آهن (خاص طور تي اهي پولنگ واري ڏينهن مهيا ڪيا ويندا آهن) پهريون ته فارم 45 کان 49 ۾ درج ٿيل معلومات جي درستگي هوندي آهي. جيڪڏهن فارم 45 ۾ موجود بنيادي معلومات ۾ خاميون هونديون آهن يا واضح غلطيون ۽ ڪوتاهيون هونديون آهن جهڙوڪ: آر او طرفان صحيح طريقي داخلا نه ڪئي ويندي آهي، پوءِ فارم 45 ۾ پڻ اهي غلطيون ۽ سڀ امڪان به هوندا آهن ته اهي غلطيون ٿي سگهن ٿيون، جن جي نتيجي ۾ حلقن جا غلط نتيجا ڏنا ويندا آهن. جيتوڻيڪ هر پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر ۽ سينيئر اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ٻنهي لاءِ لازمي هوندو آهي ته هو ٻنهي فارمن تي دستخط ڪن ۽ انگن اکرن جو اندازو لڳائن. مثال ووٽرن جي سي اين آءِ سي (شناختي ڪارڊ) نمبرن کي رڪارڊ ڪرڻ ۽ تصديق ڪرڻ ته انهن مڪمل ٿيل فارم جي جانچ ۽ تصديق ڪئي آهي يا نه. فارم 45 ۾ عام طور تي ڪيتريون ئي غلطيون هونديون آهن ۽ ڪجهھ ڪيسن ۾ انهن لاڳاپيل آفيسرن جا دستخط به غائب هوندا آهن. قانون ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مڪمل ٿيل فارم 45 تي اميدوارن جي پولنگ ايجنٽن جي دستخط به هجن پر 2018 جي اليڪشن ۾ اليڪش ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيل 90 سيڪڙو فارمن ۾ ڪنهن به پولنگ ايجنٽ جي دستخط موجود نه هئي، جنهن سبب فارم جي اعتبار تي سوال اٿاريا ويا.
2024 جي اليڪشن ۾ فارم 45 جي اهڙي ڇنڊڇاڻ اڃان ٿيڻي آهي، ڇو ته فارم اڃان تائين اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ نه ڪيا ويا آهن. پولنگ جي سالميت جو ٻيو سبب يا نقطو اهو به آهي ته سڀني اميدوارن ۽ سياسي پارٽين سان سندن پولنگ ۽ اليڪشن ايجنٽن ذريعي معلومات شيئر ڪرڻ آهي ۽ ان کانپوءِ جلد ئي ميڊيا ۽ عوام سان به اهي صحيح ۽ سالم نتيجا شيئر ڪبا آهن. مڪمل شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017 موجب هر اميدوار جي پولنگ ايجنٽ کي فارم 45 جي هڪ تصديق ٿيل ڪاپي ڏني ويندي آهي. حقيقت ۾ قانون جي اها به گهر آهي ته فارم 45 جي ڪاپي هر اميدوار جي پولنگ اسٽيشن ٻاهران پيسٽ ڪئي معني لڳائي وڃي ته جيئن عوام به اهو ڄاڻي سگهي ته هن پولنگ اسٽيشن تي ڪنهن کٽيو. 2018 جي چونڊن جي برعڪس جڏهن پولنگ واري ڏينهن سڀ کي عام شڪايت اها به هئي ته پولنگ ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشنن تي ووٽن جي ڳڻپ کان ٻاهر رکيو ويو هو ۽ انهن مان ڪيترن کي مبينا طور تي فارم 45 جي دستخط ٿيل ڪاپيون نه ڏنيون ويون، پر نمائندن جون اهڙيون ڪيتريون ئي شڪايتون نه ٻڌيون ويون.
پولنگ جي ڏينهن جي سالميت جي اعتبار کان ٽيون اهم نقطو اهو به آهي ته انهن فارمن ۾ موجود معلومات جي حصيداري ۽ نتيجن جو اعلان بروقت ڪرڻ گهربو هيو، ان ۾ ڪا به رعايت يا دير ڪرڻ ضروري نه هئي پر اهي نتيجا تڪڙ ۾ اعلان ڪيا وڃن هان. اهو نتيجن جي اعلان وارو واعدو طئي ٿيل قانوني ٽائيم لائن تائين رهي ٿو. ڪجھه ملڪن جهڙوڪ هندستان ۾ ووٽن جي ڳڻپ جو هڪ نظام آهي ۽ چونڊن جي نتيجن جو اعلان پولنگ جي هڪ ڏينهن يا هڪ هفتي کانپوءِ به ٿيندو آهي ۽ اهو انهن لاءِ سٺو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي ادارن تي اعتبار ڪن ٿا ۽ ادارا اتي صحيح ۽ سالم ڪم ڪري ٿا ڏيکارين. اهڙو اعتبار يا سمجهوتو ڪرڻ ڀارتي عام چونڊن جي شفافيت جو نمونو به هوندو آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي اليڪشن ڪميشن قانوني وقتن تي اهي شفافيت وارا سوال ۽ مونجهارا به پُر ۽ پورا ڪري ٿي، ۽ نمانئندا ان شفافيت تي به سوال نه ٿا اٿارين. پر انهن وٽ به ساڳو الميو هيو جو جڏهن انهن ”اي وي ايم“ جو استعمال ڪيو هيو، تڏهن انهن سان به اهڙي ويڌن ٿي جو انهن جي ٺپامافيا سياسي ڌرين به اليڪشن جي گاڏين کي ڦري لٽي انهن مشينن جي جاءِ تي پنهنجون مشينون رکي هليا ويا هيا ۽ جيڪي مشينون رکي ويا هيا انهن ۾ انهن نمائندن جي کٽڻ جو نتيجو ”فيڊ“ ٿيل هيو ۽ اهي مشينون هنن عملي وارن ڀارتي اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايون هيون، جيڪو حشر هنن 2019 واري عام چونڊن ۾ ان ”اي وي ايم“ مشين جي استعمال سان ڀوڳيو، ان ڪري اهي ڀارتي اليڪشن ڪميشن واريون مشينون هنن عملدارن کي پوءِ گند جي ڍير تان مليون هيون ۽ جيستائين جنهن کي کٽڻو هيو اهي هارائي ويا هيا ۽ جنهن کي هارائڻو هيو اهي کٽي ويا هيا. ان ڪري اهي ”اي وي ايم“ وارا تجربا يورپي ملڪن ۾ به ناڪام ويا آهن ۽ ڀارت جهڙي ملڪ ۾ به جيڪي ”آءِ ٽي ٽيڪنالاجي“ ۾ اسان کان ڪوهين اڳتي آهن.
پاڪستان ۾ اليڪشن جي قانونن ۽ ضابطن ۾ ٺھيل پنھنجي مخصوص پولنگ ٽائيم لائنز آھن ۽ اھڙين قانوني شقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سان چونڊن جي ساک تي سخت اثر پون ٿا. اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 13 (3) ۾ شق واضح طور تي چونڊ نتيجن جي اعلان جي ٽائيم لائن کي واضح ڪري ٿو، جنهن مطابق هر آر او پولنگ واري ڏينهن جي فوري طور تي صبح 2 وڳي تائين مڪمل عبوري نتيجا مرتب ڪرڻ جو پابند آهي. جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري اهو ممڪن نه آهي ته آر او مڪمل طور تي فوري نتيجا موڪليندو، پر 10 وڳي کانپوء نه، ڇاڪاڻ ته تقريبن سڀني 859 ريٽرننگ آفيسرن ٽائيم لائن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ مڪمل عارضي نتيجن جو اعلان نه ڪيو. آخري وقت کان 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اليڪشن جي شفافيت تي سنجيده سوال اٿاريا پئي ويا. اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 95 (8) ۽ (10) ۾ شفافيت ۽ نتيجن جي اعلان جي بروقت نظام جو هڪ ٻيو اهم پاسو واضح طور تي بيان ڪيو ويو. انهن قانوني شقن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ”ڪميشن چونڊ جي تاريخ کان 14 ڏينهن اندر دستاويز پنهنجي ويب سائيٽ تي شايع ڪري. قانون ۾ ڏنل دستاويزي فارم 45، 46، 48 ۽ 49 آهن. جيئن ته اليڪشن ڪميشن طرفان پنهنجي ويب سائيٽ تي دستاويز اپ لوڊ ڪرڻ کانسواءِ 14 ڏينهن جي مهلت 22 فيبروري تي ختم ٿي وئي آهي، پر هڪ ٻي سنگين قانوني خامي پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ وڌيڪ خرابي ٿيندي نظر اچي رهي آهي. چونڊ عمل جي سالميت ۽ اعتبار جو تصور سبب لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي اهڙن ناڪاري تاثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهڻي وضاحت ڪرڻي پوندي.
هن ڀيري پولنگ واري ڏينهن جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ شڪايتون پولنگ اسٽيشنن سان لاڳاپيل هيون، جتي اڪثر پولنگ ايجنٽن کي مڪمل فارم 45 نه مليو ۽ نه ئي انهن سان ڪنهن طرح بحث هيٺ آندو ويو. هن ڀيري آر اوز جي آفيسن ۾ ٿيندڙ ڪارروائين بابت گهڻيون شڪايتون آيون، جتي مبينا طور تي ڪيترن ئي اميدوارن ۽ انهن جي ايجنٽن کي فارم 47 تيار ڪرڻ جي عمل دوران گڏ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي اميدوارن جي انگن اکرن جي وچ ۾ وڏي اختلاف جي خبر پئي. ووٽرن ۽ اميدوارن کي پڪ هئي ته ووٽ فارم 45 ۾ رڪارڊ ڪيا ويا آهن ۽ جيڪي بعد ۾ فارم 47 ۾ داخل ڪيا ويا آهن، پر اهي شيون نه ڪرڻ جي ڪري ھڪڙو وڏو تڪرار انھن ٻن شڪلن جي وچ ۾ مبينا فرق جي چوڌاري ڦرندو رهيو. ڪيترن ئي اميدوارن جي زوريءَ اليڪشن هارائڻ جو اعلان ڪيو ويو، انهن شڪايت ڪئي ته انهن جي حاصل ڪيل ووٽن جو تعداد ۽ فارم 45 تي درج ٿيل ووٽن جو مجموعي تعداد فارم 47 ۾ ڏيکاريل ووٽن سان برابر نه آهي. اهي شڪايتون فارم 47 ۾ موجود معلومات جي درستگي ۽ استحڪام جي عمل جي شفافيت بابت سنگين سوال اٿارين ٿيون، جيڪي چونڊن جي اعتبار کي شڪي بڻائين ٿيون.
2024 جي اليڪشن ۾ فارم 45 جي اهڙي ڇنڊڇاڻ اڃان ٿيڻي آهي، ڇو ته فارم اڃان تائين اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ نه ڪيا ويا آهن. پولنگ جي سالميت جو ٻيو سبب يا نقطو اهو به آهي ته سڀني اميدوارن ۽ سياسي پارٽين سان سندن پولنگ ۽ اليڪشن ايجنٽن ذريعي معلومات شيئر ڪرڻ آهي ۽ ان کانپوءِ جلد ئي ميڊيا ۽ عوام سان به اهي صحيح ۽ سالم نتيجا شيئر ڪبا آهن. مڪمل شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017 موجب هر اميدوار جي پولنگ ايجنٽ کي فارم 45 جي هڪ تصديق ٿيل ڪاپي ڏني ويندي آهي.