ميرپورخاص ۾ لڄائيندڙ واقعو: اسپتال جي احاطي ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت عورت جو ويم

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص ۾ سول اسپتال جي احاطي ۾ عورت ٻار کي جنم ڏنو.

اسپتال جي احاطي ۾ ٻار کي جنم ڏيندڙ عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته عورت ڊليوري لاءِ اسپتال آئي هئي پر اسپتال ۾ کين جاءِ نه ملي.

گذريل ڏينهن ان واقعي جون وڊيوز سامهون آيون جنهن بعد ميئر ميرپورخاص نوٽيس ورتو.

ميئر ايم ايس کان 24 ڪلاڪن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سول اسپتال جي ايم ايس موجب عورت رت جي ٽيسٽ لاءِ وڃي رهي هئي ته رستي ۾ سندس طبيعيت خراب ٿي پئي.

ٻئي پاسي واقعي جون وڊيوز ۽ تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ واسين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ۽ صحت واري وزارت تي سوال اٿاريا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.