نئين فلم ۽ نئون اردو ڊرامو: علي گل ملاح جي اردو انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ انٽري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نامياري مزاحيه فنڪار علي گل ملاح عشق مرشد ڊرامي ۾ ڀلي جو ڪردار ادا ڪري ايتري مقبوليت ماڻي آهي جيتري هن اڳ نه حاصل نه ڪئي هئي.

ڪيترن ئي ورهين کان سنڌي انٽرٽينمينٽ انڊسٽري سان واڳيل فنڪار کي هاڻي ڀارت ۽ دبئي ۾ به ماڻهو پسند ڪن ٿا ۽ کيس اسڪرين تي وڌيڪ ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڏسڻ چاهين ٿا.

ٽي وي شوقينن جي گهرج کي ڏسندي اردو انٽرٽينمينٽ انڊسٽري به علي گل ملاح کي موقعا ڏئي رهي آهي.

علي گل ملاح جو چوڻ آهي ته گرين ٽي وي تي سندس نئون ڊرامو شروع ٿي رهيو آهي جڏهن ته ياسر نواز جي هڪ نئين فلم ۾ به کيس شامل ڪيو ويو آهي.

علي گل ملاح نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هو سنڌ واسين جي محبت جو ٿورائتو آهي جن کيس هن منزل تي پهچايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.