اڄ تائين زمين جي گولي تي ائين ڪڏھن نه ٿيو آهي ته توهان ٻج پوکيو هجي ۽ اهو جھٽ پٽ ۾ ٻج سائي ميوي وارو وڻ بڻجي زمين مان نڪتو هجي ۽ ڏسندي ڏسندي اهو وڻ آسمان کي ڇُهڻ لڳو هجي. يا وري ھڪ ٻار پيدا ٿيندي ئي 8 سيڪنڊن ۾ 100 ميٽر ڊوڙڻ لڳو ھجي. اهو ممڪن ناهي. پھرين سِرَ رکڻ سان ئي تاج محل جڙي راس نھ ٿيو ھو.تاج محل جي تعمير ۾ 22 سال لڳا. ڏيڊ سئو سال اڳ اليگزينڊر گراهم بيل ٽيليفون ايجاد نه ڪيو ھجي ها ته اڄ توهان جي هٿ ۾ موبائيل فون نه هجي ها.سو جھٽ پٽ ۾ ڪجھھ ناهي ٿيندو. ٻج پوکڻ کان پوءِ زمين مان وڏو قداور وڻ ڦٽي نٿو نڪري. ارتقائي عمل صبر آزما ھوندو آهي. اڄ توهان سماج کي ايترو ترقي يافته ڏسو ٿا، اهو اسان جي پنجاهه، سٺ، ستر سالن جي لڳاتار ڪوششن جو ثمر آهي. اسان پنجاهه، سٺ ۽ ستر سال اڳ جيڪو ٻج پوکيو هو، اڄ توهان ان جي بدولت پنهنجي سماج کي ترقي يافته چورائڻ ۾ فخر محسوس ڪريو ٿا.
قومن جي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي فهرست ۾ اسان جي ڳڻپ پهرين پنجن ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿي. اسان وٽ شخصي آزادي، اظھار جي آزادي، پڙهڻ ۽ لکڻ جي مڪمل آزادي آهي. اسان وٽ ڏينھن ڏٺي جو مارڪٽ، ڦرڻ جھپڻ ۽ قتل نھ ٿيندا آهن. توهان جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي.طبي ۽ تعليمي سهولتن لاءِ اوهان کي پنهنجي پرس کولڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. اهي ٻئي سهولتون توهان جي بنيادي حقن ۾ شامل آهن. عدالتن جا دروازا توھان تي ڪڏهن بند ناهن ٿيندا.پگھر سڪڻ کان اڳ توهان کي ڪم جي اجرت ملي ويندي آھي. اسان جي سماج ۾ دروازن کي ڪنڊي يا تالو لڳائڻ ضروري ناهي سمجهيو ويندو! جيڪو ڪجھھ توهان ڪمايو آهي اها توهان جي ملڪيت آهي. ڪو به توهان کان توهان جي ملڪيت کسي نٿو سگهي. توھان جي روحاني تربيت ۾ اھو شامل ڪيو وڃي ٿو ته توهان ڪنهن کان ان جي شيءَ ۽ ملڪيت ڦري نٿا سگھو. توهان پنهنجا خيال ۽ سوچ ڪنھن تي مڙھي نٿا سگھو.تربيت دوران توهان کي هدايت ڏني ويندي آهي تھ سماج ۾ پنھنجي عزت ڪرائڻ لاءِ لازمي آھي تھ توهان ٻين جي عزت ڪريو، جڏهن سماج ترقي يافته ٿئي ٿو.تڏھن ٻھ عمل خاص ڪري وڌي چڙھي نمايان ٿيڻ لڳندا آهن. هڪ تخليقي عمل ۽ ٻيو ٽيڪنڪي يعني ٽيڪنالوجيڪل يعني فني، صنعتي علم عام ٿيڻ لڳندا آھن. ٻارن کي تعليم ۽ تربيت دوران، خاص طور تي ابتدائي سالن ۾ ميڪانڪي (مڪينيڪل)،اليڪٽريڪل اوزارن ۽ مشينن سان واقف ڪرايو ويندو آهي. توهان ترقيءَ جي اھڙين اوچاين تي پهچي وڃو ٿا،جتي ايڪسپورٽ جي مد ۾ ايتري قدر خودڪفيل ٿي وڃون ٿا جو توهان پرڏيهي مٽاسٽا جي امداد ۾ غريب ملڪن کي، آءِ ايم ايف ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي عطئي جي مد ۾ ڏيون ٿا.
سڄي دنيا ۾ عظيم ثقافتن ۽ قديم آثارن جي حفاظت ڪندڙ اداري يونيسڪو کي پڻ اسين عطيو ڏيندا آهيون، جن ملڪن ۾ تعليمي ادارن جو کوٽ ۽ ڪوتاھي آهي، انهن ملڪن ۾ اسان في سبيل الله اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جو ڄار وڇائي ڇڏيندا آهيون.
جي ها، حقيقت تي ٻڌل ڳالھيون مان اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان. اهو سڀ جھٽ پٽ نه ٿيو آهي. ان جي پويان پردي جي پٺيان اسان جي، ٽي بي تحريڪ ڪم ڪري رهي آهي، ٽي بي تحريڪ پنجاهه، سٺ ۽ ستر سال اڳ پنهنجي سماج جي ڪسمپرسي جو تجزيو ڪري ورتو هو. سمورن سببن جو باوا آدم ھڪ ئي سبب هو. اهو هو حڪومتن ۾ اقربا پروري جو نقص،هڪ بنيادي غلطي، ڪوتاھي، نقص ايندڙ ڏينهن ۾ توھان جي لاءِ غلطين، ڪوتاھين ۽ نقصن جو ڍڳ لڳائي ڇڏين ٿا. توهان وکرڻ لڳو ٿا، ٽٽڻ لڳو ٿا،ڪسمپرسي ۾ ڦاسندا وڃو ٿا. اوهان غريب ۽ لاچار ٿيندا وڃو ٿا، پنڻ لاءِ توھان ڪشتو کڻي وٺندا آهيو. امداد خاطر آس لڳائي ويٺا ھوندا آھيو،امير اسلامي ملڪن کان توھان زڪوات وٺڻ ۾ عار محسوس نٿا ڪريو، اهو سڀ ڪجهه ٿئي ٿو سبب هڪ ئي باوا آدم سبب جي ڪري ، هڪ کان پوءِ ٻي ناقص ۽ نااهل حڪومت سبب ملڪ زوال پذير ٿيندو وڃي ٿو. حڪومتون ناقص، نالائق ۽ نااهل ان ڪري هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙيون نڪميون حڪومتون خاندانن تي ٻڌل هونديون آهن ۽ خاندان جا فرد گڏجي سڏجي حڪومت هلائيندا آهن،ڀاڻيجا، ڀائٽيا، ڀاڻيجيون،ڀائٽيون، چاچا، ماما۽ٽيلينٽڊ ڪزن، سس، سھرو، ناٺي،نھنن ،ڀيڻويو،پٽ ۽ ڀينرون حڪومتن جي واڳ ڏور سڪون سان سنڀالي رکن ٿا.
ٽي بي تحريڪ فيصلو ڪيو ته ملڪ کي هڪ اھل ۽ لائق حڪومت ڏيڻ لاءِ اسين ملڪ گير مهم هلائينداسين. اسين ماڻهن کي قائل ڪنداسين تھ اھا جاچ ڪن ۽ فيملي ميمبرن کي چونڊن ۾ بلڪل به ووٽ نه ڏين. سڄي خاندان کي ملندڙ جعلي ووٽن تي نظر رکو. جنهن ڏينهن اوهان خاندانن کي چونڊن ۾ شڪست ڏئي ڇڏيندا، ان ڏينهن کان پاڪستان جي ترقي جي شروعات ٿيندي، ڀائرو ۽ ڀينرون، ھي جيڪا توهان ملڪ ۾ تکي تڪڙي ترقي کي مٿي اڀرندي ڏسي رھيا آھيو،اھا پنجاهه، سٺ، ستر سال اڳ شروع ڪيل ملڪ گير مهم جو حصو آهي.ھي جيڪو اسان جو دنيا جي معتبر پنجن ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان جو ٻج پنجاهه، سٺ، ستر سال اڳ ٽي بي جي تحريڪ ذريعي پوکيو ويو هو. ٽي بي تحريڪ مان مراد تتر ٻٽير تحريڪ، ان تحريڪ ۾ اهڙا ماڻهو شامل هئا جيڪي افسانا لکندا ھئا۽ ڪنھن نھ ڪنھن اخبار ۾ ڪم ڪندا ھئا. انهن ۾ خوشونت سنگهه به شامل هو. ڪرشن چندر به شامل هو.
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)