جئين تئين ڪري هڪ دفعو وري هائيبرڊ حڪومت قائم ڪئي وئي آھي پر ان جي اڳيان عوام جا بنيادي مسئلا معاشي بحران ءخاص طرح مهانگائي وڏا چئلينج آھن هي بظاهر ته چون پيا ته اسين معاشي بحران کي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ۾ آڻي وينداسين پر عملن اهو لڳي نٿو ڇو ته هي وري به آءِ ايم ايف تي آڌارين ٿا قرض ان کان ٿا حاصل ڪن ان جا شرط وري اهڙا آھن جو ڪاروبار سخت مثاثر ٿيندو مهانگائي جو وزن وڌي عام ماڻھو جي برداشت کان گهڻو آھي انڪري پرتشدد مظاهرن جو خطرو آھي انهي ڪري حڪومت لاءِ وڏا چئلينج آھن هاڻ اچو ته حڪومت جي نئين ڪابينا جو جائزو ڪريون
اڻويهه ڄڻن جي وفاقي ڪابينا قسم کنيو پاڪستان ۾ 19 ڄڻن تي ٻڌل وفاقي ڪابينا قسم کڻي ورتو آهي. سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿيڻ واريءَ تقريب ۾ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداريءَ ڪابينا جي ميمبرن کان حلف ورتو. ڪابينا جي جن ميمبرن قسم کنيو انهن ۾ اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، عبدالعليم خان، امير مقام، ميان رياض حسين پيرزادو، رانا تنوير حسين، سردار اويس لغاري، عطا الله تارڙ، خالد مقبول صديقي ۽ قيصر احمد شيخ شامل هيا. محسن رضا نقوي، احد چيمه ۽ محمد اورنگزيب خان به حلف کنيو.
ڪابينا ۾ نوان چهرا ۽ ٽيڪنوڪريٽس شامل. پاڪستان ۾ 19 ميمبرن جي ڪابينا قسم کنيو آهي جنهن ۾ نون چهرن سان گڏ و گڏ غير سياسي ماڻهن، يعني ٽيڪنوڪريٽس کي به جڳھه ڏني وئي آهي. ڪابينا ۾ صحافي محسن نقوي ۽ بيوروڪريٽ احد چيما به شامل آهن.
انهن ٻنهي کان سواءِ بينڪر محمد اورنگزيب خان به قسم کڻڻ وارن ۾ شامل آهي، جنهن کي خزاني جي وزارت جو عهدو ڏيڻ جو امڪان آهي. احد چيما ۽ محسن نقويءَ جي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ بحث جو موضوع بڻيل آهي. پنجاب جي ضلعي اوڪاڙا سان تعلق رکندڙ احد خان چيما پنهنجي ابتدائي تعليم پبلڪ اسڪول لاهور مان حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ هن پنجاب يونيورسٽيءَ مان ماس ميڊيا ۽ اڪنامڪس ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي.
پنجاب يونيورسٽيءَ مان ئي هن وڪالت جو امتحان پاس ڪيو، جنهن کان پوءِ هن لندن اسڪول آف اڪنامڪس مان سوشل پاليسي ۽ پلاننگ ۾ ايم ايس سي جي ڊگري ورتي.
احد خان چيما پنهنجي پيشي ورانا زندگيءَ جي شروعات صحافيءَ طور ڪئي. هو صحافيءَ جي طور تي روزاني اخبار ’دي نيوز’ پاڪستان ۽ لنڊن ۾ بي بي سي اردو سروس سان لاڳاپيل رهيو.
احد چيما پاڪستان جو سڀني کان وڏو امتحان فيڊرل پبلڪ سروس پاس ڪيو ۽ سندس تعلق اٺاويهين ڪامن سان آهي، جنهن کان پوءِ هو اسسٽنٽ ڪمشنر لڳو ۽ 2001 کان 2018 تائين مختلف مکيه سرڪاري عهدن تي ڪم ڪيو.
ساڳيءَ ريت محسن نقويءَ جي شروعاتي تعليم لاهور جي ڪريسنٽ ماڊل هاءِ اسڪول مان ٿي. گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هو اعليٰ تعليم جي لاءِ آمريڪا ويو. محسن نقوي آمريڪا جي يونيورسٽي آف اوهائيو مان صحافت ۾ ماسٽرز ڊگري حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ هن نشرياتي اداري ’سي اين اين’ ۾ ’انٽرن’ جي طور ڪم شروع ڪيو.
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ محسن نقوي پاڪستان واپس آيو ۽ سي اين اين سان ڪم ڪرڻ لڳو. شروع ۾ هو پروڊيوسر جي طور تي سي اين اين سان لاڳاپيل رهيو، جنهن کان پوءِ کيس ريجنل هيڊ لڳايو ويو.
محسن نقوي نائين اليون کان پوءِ سي اين اين جي لاءِ فيلڊ رپورٽنگ ڪئي. هو 2009 تائين سي اين اين سان لاڳاپيل رهيو.
محسن نقويءَ 2009 ۾ لاهور جي ’سٽي نيوز نيٽ ورڪ’ هيٺ ’سٽي 42’ جي نالي سان ٽي وي چينل جو بنياد رکيو. ان کان پوءِ هن فيصل آباد جي سٽي 41، ڪراچيءَ جي سٽي 21 ۽ لنڊن مان چينل 44 شروع ڪيو.
احد خان چيما ۽ سيد محسن نقوي ٻنهي جا نالا پنجاب جي نگران وڏي وزير طور ان وقت جي حڪومت تجويز ڪيا هئا. پر اها ذمي واري محسن نقويءَ کي ڏني وئي.
ساڳيءَ طرح احد خان چيما 2022 کان 2024 تائين اڳ ۾ شهباز شريف ۽ پوءِ نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو صلاح ڪار رهيو.
مبصرن مطابق، پاڪستان ۾ ڪنهن به غير منتخب شخص جو خاص عهدن تي فائز رهڻ سندن قابليت کان سواءِ انهن جي طاقت ور حلقن سان رابطن جي بنياد تي منحصر هوندو آهي.
هن حڪومت طرفان عوام لاءِ ڇا ٿو ڪجي معاشي بحران کي ڪئين ڪنٽرول ڪندا سخت مخالف ڌر معاشي بحران جي خراب ٿيندڙ صورتحال وڏا چئلينج هوندا هي حڪومت هڪ يا ڏيڍ سال هلي تڏھن به وڏي ڳالهه آھي ڏسجي ته بظاهر تمام گهڻي مقروض ملڪ کي هي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍن ٿا يا اهو وڌيڪ بحران ۾ گهلجي ٿو ها باقي مهانگائي کي برداشت ڪرڻ عوام جي وس جي ڳالهه ناهي