سڪرنڊ (رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي صابقي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جوابدار محمد جمن صابقي بندوق جا فائر ڪري ٻن شاگردن سڳن ڀائرن 18 سالن جي صدورو صابقي ۽ 16 سالن جي وسيم صابقي ولد لکاڏنو صابقي کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻن ڄڻن محمد علي صابقي ۽ محمد مٺل صابقي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار محمد جمن صابقي کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته فوتين جا لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او ماڙي جلباڻي خالد حسين لاکير ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار گرفتاري وقت اسان مٿان فائرنگ ڪئي پر حڪمت عملي سان کيس گرفتار ڪيو آهي، مقتول شاگردن جي والد لکاڏنو صابقي ٻڌايو ته پلاٽ اسان جو هو ان تي اسان ڪم شروع ڪيو هو منهنجي پٽن مٿان فائرنگ ڪري کين قتل ڪيو ويو ۽ منهنجي ڀائرن کي زخمي ڪري مون سان وڏو ظلم ڪيو آهي منهنجو پٽ صدورو جيڪو يارهين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ وسيم جيڪو ستين ڪلاس جو شاگرد هو ۽ هن جوابدار پهريان به پنهنجي عزيز کي قتل ڪري 6 سال جيل ڪاٽيو آهي. ماڙي ٿاڻي تي لکاڏنو صابقي جي فرياد تي چئن ڄڻن جمعو ولد حاڪم صابقي ، شهداد ، بنون ، ارباب صابقي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو .