وارھ (رپورٽ: منظور قريشي) گاجي کهاوڙ پوليس اسٽيشن جي حد ڳوٺ رحمو کوسو ۾ قيامت خيز منظر ،گاجي کهاوڙ پوليس اسٽيشن جي حد ڳوٺ رحمون کوسي مان ٽي ڏينهن اڳ پراسرارنموني گم ٿيل پنج ورھين جي معصوم ٻارڙي شبيران ڌيءَ اصغر کوسو جو ٽن ڏينهن بعد ڳوٺ ٻاھران تشد ٿيل لاش ھٿ آيو، ڳوٺ رحمون کوسي ۾ ٽي ڏينهن اڳ پراسرا نموني گم ٿيل 5ورھين جي معصوم ٻارڙي معصوم شبيران ڌيءَ علي اصغر کوسو جو لاش ڳوٺ رحمون کوسو ڀر سان فصل مان مليو، مقتول ٻارڙي جي چاچي روشن علي ميڊيا کي موقف ڏيندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي، ٽي ڏينھن اڳ اسان جي ننڍڙي گم ٿي وئي هئي جنهن جي اسان مسلسل ڳولا ڪئي آھي ۽ اھڙو اطلاع حد جي ٿاڻي کي به ڏنو ويو ليڪن اسان کي ڪابه خبر نه پئجي سگهي، لڳي ٿو ته عصر ويل گھر ڀرسان فصل ۾ لاش اڇلايو ويو ننڍڙي کي منھن تي ڌڪ جا نشان آهن اسان سان ظلم ٿيل آھي، انصاف ڪيو وڃي، ٻڻارڙي جو لاش وارھ تعلقا اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ٻارڙي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪرڻ جو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي، ٻئي پاسي پوليس يا اسپتال انتظاميا طرفان زيادتي جي تصديق ناهي ٿي سگهي، جوابدارن جو به پتو نه پئجي سگهيو، سوشل ميڊيا تي واقعي خلاف باهه ٻريل آهي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.