نوابشاهه / قاضي احمد (نمائندن وٽان) قاضي احمد قومي شاهراهه تي ڊاٽسن ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، ڄڃ سان خوفناڪ حادثو پيش آيو، نتيجي ۾ گهوٽ جي ڀيڻ سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس ورتو، هر قسم جي تعاون جو اعلان، ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو، دولتپور ڀرسان ڳوٺ سليمان کيڙو جي رهائشي سولنگي برادري جي ڄڃ سان ڀريل ڊاٽسن قاضي احمد قومي شاهراھ ڀرسان علمدار چوڪ تي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب 3 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، قاضي احمد پوليس موقعي تي پهچي زخمين ۽ فوتين کي تعلقي قاضي احمد منتقل ڪيو پر قاضي احمد اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب زخمين کي پي ايم سي اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي، ڄڃ ڳوٺ سليمان کيڙو کان سڪرنڊ وڃي رهي هئي ته قاضي احمد ڀرسان اوور ٽيڪ ڪرڻ سبب حادثو پيش آيو ۽ ٽرالر پنجاب کان ڪراچي وڃي رهيو هو، اکين ڏٺن شاهدن موجب 4 ڄڻا حادثي واري جڳھه تي فوت ٿي ويا هئا ۽ 2 ڄڻا قاضي احمد اسپتال جي ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب فوت ٿيا، پوليس ٽرالر ڊرائيور منور اعواڻ کي ٽرالر سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته فوتين جي سڃاڻپ 45 سالهه علي گل سولنگي، 30 سالهه عابد سولنگي، 35 سالن جو رسول بخش سولنگي، 6 سالن جي افسانه سولنگي، 7 سالن جي غفوران، 10 سالن جو صدورو سولنگي طور ٿي ۽ زخمين جي سڃاڻپ وحيد، نوراحمد، محمود سميت 13 ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته غفوران سولنگي گهوٽ جي ڀيڻ ٻڌائي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين ايف آئي آر داخل نه ٿي سگهي.