جرڳائي نظام ختم ڪري نياڻين کي بااختيار بڻايو وڃي: عورت اڳواڻ

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ) سول سوسائٽي سان لاڳاپيل عورتن ۽ نينگرين عورتن جي بااختيار زندگي گذارڻ  ۽ سماجي معاشي ترقي ،ثقافتي  ترقي لاءِ ڇوڪرين جي والدين کي صلاح ڏني آهي ته هو پنهنجين نياڻين جي بهتر مستقبل ۽ مرد جي غلامي ۽ گهريلو تشدد کان بچائڻ لاءِ انهن  تي اعتماد ڪري کين تعليم، راندين، ثقافتي سياسي سرگرمين لاءِ ڀرپور موقعا فراهم ڪري انهن کي پٽن جي برابر خوراڪ ۽ ڌيان ڏين، حڪومت سنڌ ۾ ڇوڪرين جي بند اسڪولن کي کولي ٻهراڙين جي اندر اسڪولن کي سهولتون ڏيڻ سان گڏ کين جديد فني تعليم۽ روزگار جا خاص موقعا فراهم ڪري، عورتن کي خاندان جي ملڪيت ۾ ورهاست ۾ حصو ڏنو وڃي، مزدور قانونن کي عورتن جي محنت تي به لاڳو ڪيو وڃي، ڪارو ڪاري ۽ جرڳا نظام ختم ڪري جرڳا ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي، اقليتي عورتن لاءِ الڳ پناهه گاهون کوليون وڃن. اها ڳالهه ڪالهه آچر ڏهاڙي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ” سنڌ ناري ڏهاڙو “ تنظيم طرفان عورتن جو ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڇوڪرين ۽ عورتن ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻ وڪيل شازيه نظاماڻي چيو ته ملڪ ۽ سنڌ ۾ هر طبقي جي عورتن کي جاگيرداراڻين ۽ مذهبي انتها پسندي جي روايتن کان تحفظ جي ضرورت آهي، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ، ٻنين ۽ وڏين آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عورت کي هر قسم جي خوف خطري سان منهن ڏيڻو پوي ٿو،ملڪ ۾ عورتن جي تحفظ جا قانون موجود آهن ،جن کان يا ته عورتون اڻ واقف آهن يا کين سماجي بدنامي جو خوف رهي ٿو، انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وڪيل ماروي ڪلهوڙو چيو ته عورتون طلاق خوشي سان نه وٺنديون آهن، ان جي پويان هڪ مرداڻي رويي جي وحشت ۽ جبر جو سبب موجود هوندو آهي، مان هڪ اڻ پڙهيل غريب ٻهراڙي جي خاندان سان واسطو رکان ٿي پر منهنجي ماءَ پيءَ خاندان جي سمورن طعنن ۽ رڪاوٽن جي باوجود منهنجي جي پڙهائي ۽ ترقي جا دروازا کولي رکيا ۽ ڇوڪرين جي اڳتي اچڻ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون اڄ به موجود آهن، وڪالت پاس ڪندڙ ڇوڪرين کي ڊاڪٽري پاس ڪندڙن وانگر ٻن سالن لاءِ هڪ خصوصي الائونس ڏنو وڃي، فهميده رياض چيو ته عورتن کي سمورن شعبن ۾ اڳتي اچڻ گهرجي،ڪارونجهر کان ڪشمور تائين ڇوڪرين جي تعليم، روزگار جي حاصلات ۾ سوين سماجي، خانداني ۽ ٻيون رڪاوٽون موجود آهن،پر بهتر مستقبل لاءِ ڇوڪرين کي انهن سان منهن ڏئي اڳتي نڪرڻو پوندو. صحافي ليلا نثار چيو ته ميڊيا ۾ڪم ڪندڙ مرد حضرات پنهنجين ڇوڪرين کي صلاحيتون هوندي به هن شعبي ۾ اچڻ نه ٿا ڏين،نجمه مهيشوري چيو ته عام عورتن جو سياست۾ اچڻ کي خراب سمجهيو وڃي ٿو ۽ مان کي به انهن ڳالهين کان خوف ٿيندو هو،پر رسول بخش پليجو جيڪا ڊگهن وارن واري فوج سنڌياڻي تحريڪ ٺاهي ان منهنجو خوف ختم ڪري ڇڏيو ورئو پيرزادو چيو ته ڇوڪرين کي راندين جي طرف به اچڻ گهرجي، رڳو مرد نه پر عورتون به سٺيون رانديگر ثابت ٿي رهيون آهن.باڪسر مهرين بلوچ چيو ته ڇوڪريون باڪسر به ٿي سگهن ٿيون ۽ هن ڇوڪرن سان گڏجي باڪسنگ جي تربيت ورتي، پرهه اعجاز چيو ته مرد جي محتاجي بدران ڇوڪريون گهر ويٺي به انٽرنيٽ ، ڊجيٽل ميڊيا ۽ لکڻ وسيلي لکين روپيا ڪمائي سگهن ٿيون. يو ٽيوب تي ڪم ڪندڙ چوڪري رابعه ناز چيو ته ڇوڪريون يو ٽيوب وسيلي به ڪمائي سگهن ٿيون،عائشه گذدر چيو ته فلم وسيلي به عورتن جي حقن جي تحريڪ اڳتي وڌي سگهي ٿي پشپا ڪماري چيو ته اقليتي عورتن جا مسئلا ساڳيا آهن ، انهنجو آواز به بلند ٿيڻ گهرجي. سورٺ سنڌو چيو ته اڳ روڊن رستن تي پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻو پوندو هو هاڻي سوشل ميڊيا به هڪ طاقتور ذريعو ثابت ٿيو آهي،ان موقعي تي شهنيلا زرداري، روبينا چانڊيو،نزهت شيرين، منصولا جتوئي ۽ ٻين به خطاب ڪيو،تقريب ۾ نروڌا مالهي راڳ ٻڌايو ۽ افشين ميمڻ پنهنجي ناچ جي فن جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو، وهاب پندراڻي، مهيش ڪمار، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا، سحر امداد ۽ آمنه ابڙو پنهنجي شاعري ٻڌائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.