اسلام آباد (م ڊ) صدارتي چونڊ کانپوءِ هڪ پليٽ فارم تان پنهنجي خطاب ۾ سردار اختر مينگل چيو آهي ته جنهن طرح هڪ اداري پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي اهڙو ڪنهن نه پهچايو آهي، سمورا ادارا تباهه ٿي ويا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارليامينٽ سندن غلام بڻجي وئي آهي، مشرف جي دور ۾ اوهان کي ياد هوندو ته هو يونيفارم سان روڊن تي نه اچي سگهندا هئا، پر اسان سياسي پارٽيون فوجين جي يونيفارم کي صاف ڪري انهن جي گندگي پنهنجي منهن تي ملي اهي صاف ڪندا آهيون،هن چيو ته جيڪڏهن اسان پارليامينٽ جي بالادستي چاهيون ٿا ته طاقت جو سرچشمو عوام هوندو، اسان کي انقلاب ڏانهن وڃڻو پوندو ته پوءِ پاڪستان پنهنجي اصل مقام ڏانهن واپس موٽندو.هوڏانهن بي اين پي جي مرڪزي ترجمان چيو آهي ته سردار اختر جان مينگل ۽ پارٽي قيادت اصولي ۽ نظرياتي سوچ تي عمل ڪندي پشتونخواملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڏئي پنهنجو واعدو پورو ڪيو. صمد خان اچڪزئي جي پٽ کي اوليت ڏئي بلوچستان جي تاريخ کي هڪ ڀيرو ٻيهر زنده ڪري ڇڏيو.8 فيبروري تي ٿيل ڌانڌلي وارين چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي عالمي سطح تي اسان جي ٺٺول ٿي،