پ پ جون واڳون بلاول حوالي؟پي ٽي آءِ سان مفاهمت، معاشي ۽عدالتي سڌارا آصف زرداري جا هدف

اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي نصرت جاويد بي بي سي کي ٻڌايو ته معاشي استحڪام آصف زرداري جي منزل يا هدف آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن هو پهريون ڀيرو  در ٿيو ته هن جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا وڌيا، ۽ هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ اهم منصوبن لاءِ راهه هموار ڪئي.نصرت جاويد جو چوڻ آهي ته اهو آصف علي زرداري هو جنهن سي پيڪ جهڙي منصوبي جو بنياد رکيو هن ڀيري آصف زرداري جو مقصد سي پيڪ منصوبي کي ٻيهر ٽريڪ تي آڻڻ ۽ ٻاهرين ملڪن مان وڌ کان وڌ سيڙپڪاري پاڪستان آڻڻ هوندو. نصرت جاويد موجب آصف زرداري ايران سان گئس پائيپ لائين منصوبي جو افتتاح ڪيو ۽ هاڻي هو ان جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، نصرت جاويد جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ايوان صدر ۾ داخل ٿيڻ بعد رٽائرمينٽ موڊ ۾ هليو ويو آهي. سندس خيال ۾ صدر ٿيڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هاڻي پيپلز پارٽيءَ جا معاملا بلاول ڀٽو جي هٿ ۾ ئي رهندا.پارلياماني معاملن جي ماهر ظفرالله خان جو چوڻ آهي ته آصف زرداري هن ڀيري ”ميثاق مفاهمت“ ۽ ”ميثاق معيشت“ کڻي اچي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته آصف زرداري جو نظريو آهي ته هن ملڪ ۾ هاري صحيح رعايت جو مستحق آهي ڇو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي. هاڻ هو زرعي شعبي کي رليف ڏيڻ چاهي ٿو ،سي پيڪ آصف زرداري جي نظر ۾ رهندو.سندس خيال ۾ آصف زرداري حڪومت خلاف سازش نه ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن کي خطرو هوندو، ظفرالله خان موجب ”سياسي طور تي ايوان صدر جو نگهبان ۽ سهولتڪار جو ڪردار هوندو آهي ظفرالله خان چيو ته هاڻي بلاول ڀٽو کي کليل نموني کيڏڻ جو موقعو ملندو ۽ هو صحيح معنيٰ ۾ پ پ جي قيادت ڪندو ،تجزئي نگار ۽ سينيئر صحافي سهيل وڙائچ بي بي سي کي ٻڌايو ته جڏهن کان پيپلز پارٽي جي قيادت آصف زرداري وٽ آئي آهي، هن پيپلز پارٽي جي اسٽيبلشمينٽ مخالف سياست جي تصوير کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن اڄ تائين ڪا به احتجاجي تحريڪ نه هلائي آهي ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان ڪا رنجش ٿئي ٿي ته ان کي فوري طور ختم ڪري ڇڏيندو آهي هن چيو ته سندس(آصف زرداري) اڳواڻيءَ ۾ شايد اها ئي حڪمت عملي آهي ته هاڻي اسان کي جيل نه ڀوڳڻو پوي ۽ نه ڪُوڙا کائڻا پون. شايد اهو ئي خيال آهي ته جڏهن ڏکيو وقت به اچي ٿو ته ان کي چڱيءَ طرح سان منهن ڏئي اڳتي وڌي ٿو.سندس چوڻ هو ته جڏهن هو ايوان صدر ۾ هو ته ميموگيٽ اسڪينڊل سامهون آيو هو، ان ڪري هن اهو تڪرار به فوجي قيادت سان گڏجي حل ڪيو هو.. عرفان قادر آصف علي زرداري جي پهرين دور صدارت ۾ اٽارني جنرل هو. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته آصف زرداري سڌارن جي ايجنڊا تي يقين رکي ٿو، هو ’سول بالادستي‘ کي يقيني بڻائيندو. ڀٽو ريفرنس به آصف زرداري سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو هو ته جيئن غلط فيصلن کي ختم ڪري سگهجي سندس خيال ۾ آصف زرداري صدر طور ايندڙ ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪيترن ئي فيصلن جو جائزو وٺندو. هو يا ته قانونن ۾ ترميم جو رستو اختيار ڪندو يا انهن فيصلن جو حوالو ڏئي انهن کي درست ڪرڻ لاءِ عدالتن ڏانهن موڪليندو.عدلتي سڌارا آصف زرداري جي ترجيح هوندي.آصف زرداري سان گڏ پي ٽي آءِ به ان اصلاحي پروگرام ۾ شامل ٿيندي،عرفان قادر جو چوڻ هو ته آصف زرداري ملڪ مان سياسي مخالفن جي احتساب جو ڪلچر ختم ڪندو ۽ قانون جو غلط استعمال بند ڪندو. سندس چوڻ آهي ته آصف زرداري جي وڏي خوبي اها آهي ته هن وٽ سياسي مخالفن کان انتقام ناهي، هو پاڻ به اهڙي ڪلچر جو شڪار رهيو آهي ۽ پنهنجي زندگي جا ڪيترائي قيمتي سال جيل ۾ گذاري چڪو آهي.عرفان قادر جو چوڻ هو ته آصف زرداري صلح جُو شخص آهي،هو نه اتحادي حڪومت لاءِ چئلينج  ٿيندو ۽ نه ئي ڪا ڏکيائي پيدا ڪندو،مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي ان اميد جو اظهار ڪندي چيو ته صدر زرداري جمهوري روايتن کي هٿي وٺرائيندو ۽ ملڪ کي سياسي انتشار کان بچائڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.