اسلام آباد( م ڊ)وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز تي آڊيو ليڪ الزام ۾ ايف آءِ اي شاندانه گلزار کي 14 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي، پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شاندانه گلزار پاران مبينا طور تي پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز تي آڊيو ليڪ جو الزام لڳايو هو، جنهن تي آيف آءِ اي مسلم ليگ ن جي ڪارڪن شعيب مرزا جي درخواست تي شاندانه گلزار کي طلب ڪيو آهي، شاندانه گلزار پاران مبينا آڊيو ليڪ ۾ پي ٽي آءِ جي مقتول ڪارڪن ظل شاهه جو ذڪر ڪيو هو، ٻئي پاسي پنجاب جي سنڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته شاندانه گلزار پي ٽي آءِ نه پي ٽي آءِ جي ڪارڪن آهي ۽ نه ئي سني اتحاد ڪائونسل جي، ظل شاهه جي موت کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن چيو ته ظل شاهه جي قتل جو الزام پي ٽي آءِ جي ماڻهن تي آهي، هن چيو ته شاندانه گلزار پاران مريم نواز جي خلاف نامناسب ڳالهه ڪئي آهي، شاندانه گلزار پاڪستان جي خلاف پروپگينڊا ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جنهن خلاف ايف آءِ اي ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آهي، هن چيو ته شاندانه گلزار کي هاڻ انڪوائري ۾ ثبوت پيش ڪرڻا پوندا، هن کي عورت ڪارڊ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، هن وٽ جيڪو آڊيو آهي ته اهو ايف آءِ حوالي ڪري ۽ ان جي فارنزڪ ڪرائي ويندي.