سيراڻي ويجهو ٻن ڌرين ۾معمولي ڳالهه تان جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل، 5 زخمي

سيراڻي/بدين(رپورٽ: بچل رند+رازق کوسو ) سيراڻي ڀرسان قاضيہ واھ اسٽاپ تي ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو لٺيون،ڪهاڙيون  ۽ فائرنگ سبب ٻنهي ڌرين جا  پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي زخمين ۾ اصغر ملاح،گل ملاح،امجد علي ملاح،الطاف ملاح ۽ هڪ ڄڻو نوجوان 28 سالا جاويد علي ولد محمد موسيٰ ملاح قتل ٿي ويو آهي زخمين کي علاج لاءِ انڊس اسپتال بدين نيو ويو آهي جتي هڪ زخمي اصغر علي ملاح جي نازڪ حالت هئڻ ڪري سيول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي. .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.