اسلام آباد(م ڊ) چونڊيل صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم پارليامينٽ ڪئي، هاڻي به جيڪو ڪجهه ٿيندو اها ئي ڪندي.صدارتي چونڊن کان اڳ اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا جي نمائندن آصف علي زرداري کان سوال ڪيو ته، اوهان 18هين ترميم اڳ ئي ڏئي چڪا آهيو، اڳتي ڪهڙا قدم کڻندا؟جنهن جي جواب ۾ آصف علي زرداري چيو ته 18هين آئيني ترميم پارليامينٽ ڪئي ۽ اسان رڳو تجويز ڏني.هن وڌيڪ چيو ته پهرين جيڪو ڪجهه ڪيو اهو پارليامينٽ ڪيو آئنده به پارليامينٽ ڪندي،آصف زرداري گيلري ۾ موجود پنهنجي نياڻين آصفه ڀٽو،بختاور ڀٽو ۽ ناٺي کي ڳلي لڳايو ۽ پيار ڪيو