ملڪ جي سالميت ۽ خودمختاري جي دفاع لاءِ تيار آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي( م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوج، ملڪ جي سالميت ۽ خودمختاري جود فاع ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح  تيار آهيون.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف رحيم يار خان جو دورو ڪري  فيلڊ ايڪسرسائيز جو دورو ڪيو آهي، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايويليوايشن آرمي چيف جو استقبال ڪيو. آرمي چيف تربيتي مشقن شمشير صحرا جو معائنو ڪيو. آرمي چيف کي تربيتي مشق(شمشير صحرا) بابت بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي آرمي چيف کي شمشير صحرا مشق جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي ، آرمي چيف مشق واري علائقي ۾ سڄو ڏينهن فوجي جوانن سان گڏ گذاريو،  آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوج کي دشمن جي ڪنهن به اڳرائي لاءِ هر وقت تيار هجڻ گهرجي، آرمي چيف چيو آهي ته ملڪ جي سالميت ۽ خودمختاري جي دفاع لاءِ طرح تيار آهيون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.