شڪارپور ڀرسان هٿياربندن جي ڪاهه، 2 پورهيت اغوا، انگ 11 ٿي ويو

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور ڀرسان ڳوٺ جنو شريف ٻاهران ٽماٽرن جي فصل تي چوڪيداري ڪندي ٻن پورهيتن علي نواز بروهي ۽ اسرار بروهي کي نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي  يرغمال بڻائي اغوا ڪري کڻي ويا,صبح جو ڳوٺاڻن پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ تان پيرا کنيا جيڪي ٿوري فاصلي تي گم ٿي ويا پوليس کي وڌيڪ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، شڪارپور ۾ جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ڳوٺ جنو شريف ٻاهران ٽماٽرن جي فصل ۾ لڳل موٽر ۽ ٽيوب ويل تي چوڪيدار طور ستل ٻن هارين علي نواز پٽ خميسو بروهي  ۽ اسرار پٽ عبدالغني بروهي کي نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اغوا ڪري کڻي ويا،

 

صبح جو نوجوانن جي گهر نه پهچڻ تي سندن وارثن پاران ڳولا ڪئي وئي، اغوا جي تصديق ڪئي وئي، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي نيوفوجداري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرا کنيا جيڪي ٿوري فاصلي تي گم ٿي ويا، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي نيو فوجداري ٿاڻي جي منشي منور مهر ميڊيا کي ٻڌايوته واقعو رات دير سان پيش آيو آهي، پوليس جي نفري پيرا کڻي وئي ويل آهي وڌيڪ جاچ جاري آهي، في الحال ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي, هوڏانهن مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام پڻ مچي ويو واقعي بعد ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين جو انگ وڌي 11ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.