سينيٽ، پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ذولفقار ڀٽو کي قومي هيرو قرار ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پاس

اسلام آباد( م ڊ) پنجاب، بلوچستان ۽ سينيٽ ذوالفقار ڀٽو کي قومي هيرو قرار ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ، سنڌ اسيمبلي کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو کي  سرڪاري شهيد ۽ قومي هيرو قرار ڏيڻ واري ٺهراءُ پنجاب، بلوچستان ۽ سينيٽ مان اڪثريتي ووٽن سان منظور ڪيو ويو.پيپلز پارٽي جي رخسانه زبيري سينيٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. قرارداد ۾ چيو ويو ته سينيٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪري ٿي،سپريم ڪورٽ راءِ ڏني آهي ته ذولفقار علي ڀٽو ڪيس کي فوجي آمر جي دور ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي،

 

سپريم ڪورٽ راءِ ڏني آهي ته ذولفقار ڀٽو ڪيس ۾ آئين جي تحت انصاف ۽ فيئر ٽرائل نه مليو. قرارداد جي متن موجب ايوان محترمه نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو، ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي جمهوريت جو هيرو قرار ڏنو وڃي ۽ وفاقي حڪومت باضابطا طور تي ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد قرار ڏئي، سينيٽ چيئرمين ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. بلوچستان اسيمبلي مان منظور ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو ته ذوالفقار ڀٽو کي باضابطا طور تي وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري شهيد قرار ڏنو وڃي. پنجاب اسيمبلي به هڪ ٺهراءُ پاس ڪري ڀٽو کي سرڪاري شهيد ۽ قومي هيرو قرار ڏيڻ جي قراداد منظور ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.