وفاق سان سياسي ۽ نظرياتي اختلاف رهندا،ورڪنگ لاڳاپا برقرار رکنداسين: گنڊاپور

پشاور( م ڊ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وفاق سان سياسي ۽ نظرياتي اختلاف رهندا،ورڪنگ لاڳاپا برقرار  رکنداسين، ڪابينا اجلاس ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته سمورن ڪابينا ميمبرن کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ ڪابينا اجلاس ۾ ڀليڪار چوان ٿو، هن چيو ڪابينا ۾ تجربيڪار ۽ نوان چهرا شامل آهن، مشڪل وقت ۾ اسان سڀني کي هڪ وڏي ذميواري ملي آهي، هن چيو ته اسان کي هڪ ٽيم تي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ وڏن وڏن ڪمن تي ڌيان ڏيڻو آهي.

 

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو آهي ته سمورا ڪم ميرٽ جي بنياد تي ڪيان ويندا، ان لاءِ سڀني کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو، صوبي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اسانجي پهرين ترجيح آهي، علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وزيراعظم پاران ڪي پي ڪي جي برسات متاثرن کي امداد ڏيڻ سٺي ڳالهه آهي، وفاق سان سياسي ۽ نظرياتي اختلاف رهندا،ورڪنگ لاڳاپا برقرار رکنداسين، اسان هنن سان گڏ ويهنداسين ۽ اسانجي معاشي ٽيم به هنن سان گڏ ويهي ڪري معاملن کي ڏسندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.