رمضان شريف کان اڳ بصرن، پٽاٽن ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) نگران حڪومت جي وڃن کان پوءِ پهرين هفتي ۾ ئي مهانگائي ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ هفتيوار بنيادن تي  مهانگائي جي شره ۾ 1.11 سيڪڙو جو وڏو اضافو ٿيو آهي، ڳڻپ واري کاتي جي رپورٽ موجب ساليانو بنيادن تي مهانگائي جي شرح 32.39 سيڪڙو ٿي وئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو اهي ته هڪ هفتي ۾ 14 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، بصر 60 روپيا 28 پئسا واڌ سان 238 روپيا 30 پيسا في ڪلو ٿي ويا جڏهن ته هڪ هفتي ۾ پٽاٽا 13 روپيا 36 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا آهن،

 

اهڙيءَ طرح ڪيلا 10 روپيا 22 پئسا في درزن، بيضا 6 روپيا 71 پئسا في درزن، گوشت 11 روپيا 76 پئسا في ڪلو جڏهن ته ٻاڪرو 8 روپيا 83 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو، ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي ۾ 14 شيون سستيون ٿيون، برائلر ڪڪڙ 31 روپيا 3 پئسا في ڪلو جڏهن ته چانهه جو 190 گرام وارو پاڪيٽ 7 روپيا 13 پئسا سستو ٿيو، اهڙيءَ طرح ٿوم 2 روپيا 33 پئسا في ڪلو، اڍائي ڪلو جي گيهه جو دٻو 2 روپيا 49 پئسا سستو ٿيو، جڏهن ته چڻن جي دال، باسمتي چانور، اٽو ۽ کنڊن سستي ٿي، هاڻوڪي هفتي 23 ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.