بلوچستان جي چيف جسٽس نعيم اختر جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي منظوري

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي صدر عارف علوي ٽن ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر موجب صدر عارف علوي  بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) تحت جسٽس نعيم اختر افغان جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان کان سواءِ صدر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 196 تحت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج محمد هاشم خان کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان موجب صدر پاڪستان جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان لاهور هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.