ڪراچي(رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي نگراني ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنجين عورت ڪانفرنس جي شروعات روپ ميوزڪ ۽ ڊانس سان ڪيوويو، جنهن ۾ عماد الرحمان، عبدالغني ۽ فيضان ڀٽي سميت آرٽس ڪائونسل اڪيڊيمين جي شاگردن حصو ورتو، آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه ڪانفرنس ۾ آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته عورتن جي مسلسل جدوجهد بعد خوشي جي ڳالهه آهي ته انهن کي ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي، نه ته 60 يا 70 سال پهرين عورتن جو گهرن کان نڪرڻ يا مشاعرن ۾ وڃڻ جو ڪو تصور به نه هو، هن چيو ته زبيده مصطفيٰ، منيزه شمسي صادقه صلاح الدين ۽ ٻين کي عورتن جي حقن لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي آهي، عورتن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو، هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 80 سيڪڙو ڇوڪريون تعليم حاصل ڪن پيون، پوليس ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ جهازن جون پائليٽ به بڻجي رهيون آهن، منيزه شمسي عورت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته بيگم حبيب الله روايت قائم ڪئي ته عورتون سياسي پارٽين ۾ پنهنجو حصو وٺن، 24 سال پهرين بينظير ڀٽو کي پهرين وزيراعظم جو اعزاز مليو، هاڻي مريم نواز کي پهرين عورت وزيراعلي جو اعزاز مليو آهي، ملاله يوسف زئي تي به تنقيد ڪئي وئي، پر هن تعليم لاءِ عورتن تي زور ڏنو، هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ پوءِ وري انهن کي ئي ڏوهي قرار ڏنو وڃي ٿو، هڪ عورت کي تعليم ڏيڻ جو مطلب پوري خاندان کي تعليم ڏيڻ آهي. اديبه زهره نگاهه خطاب ڪندي چيو ته علم وڏو وسيع ميدان آهي، اهو وڏو خزانو آهي، ٻارن کي تعليم جي اصولن تي لڳايو وڃي ته پوءِ ڪو به فيض حاصل ڪرڻ کان بچي نه سگهندو.هن چيو ته ٻار جنهن شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي انهن شعبن ۾ تعليم ڏياري وڃي ته ان جي رزلٽ بهتر ايندي. عورت ڪانفرنس ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.