وفاقي سرڪار پاران مستحقن لاءِ ساڍن 7 ارب رپين جو رمضان پئڪيج

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت رمضان مبارڪ مهيني ۾ مستحقن لاءِ رمضان رليف پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ 7.5 ارب رپين جي سبسڊي  تي ٻڌل رليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار، احد خان چيما، شيزا فاطمه خواجا، رومينا خورشيد عالم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي وزيراعظم جي رمضان رليف پيڪيج بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ان پيڪيج تحت رمضان جي مهيني ۾ 39.6 ملين ( 3 ڪروڙ 96 لک) کان وڌيڪ خاندانن کي سستي اگهه تي کاڌو پيتو فراهم ڪيو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 88 سيڪڙو مستحق خاندانن کي مارڪيٽ مان رعايتي قيمت تي اٽو، چانور، دال، گيهه، خوردني تيل، کنڊ، کير سميت 19 کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي تي 77 رپيا في ڪلو ۽ گهي تي 70 رپيا سبسڊي ڏني پئي وڃي، وزيراعظم جو رمضان رليف پيڪيج سڄي ملڪ ۾ قائم 4 هزار 775 يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي مستحق خاندانن ۾ ورهايو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن تي هن سال رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ 7.5 ارب رپين جو رمضان رليف پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ اٽو، دال، گيهه، خوردني تيل سميت 19 کاڌ خوراڪ جون شيون شامل آهن. کنڊ ۽ مشروبات مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ قيمت تي فراهم ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن رمضان ۾ وزيراعظم جي رمضان پيڪيج ۾ ڏنل سبسڊي جي شرح 30 سيڪڙو آهي، جيڪا ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح کان وڌيڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.